ماسڪو-04 ڊسمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار او??س احمد خان لغاري چيو آهي ته ??اڪستان ۽ روس وچ ۾ سهڪار کي هٿي ملي رهي آهي، توانائي کي هٿي وٺرائڻ ۽ اقتصادي سهڪار ٻنهي ملڪن لاءِ اهم آهي. ماسڪو ۾ جاري پاڪستان ۽ روس وچ ۾ نائين بين الحڪومتي ڪميشن جي اجلاس جي موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته ??اڪستان ۽ روس وچ ۾ ڏهاڪا پراڻا لاڳاپا آهن ۽ پاڪستان روس سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. وفاقي وزير چيو ته ??اڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. روس جي وزير چيو ته روس ۽پاڪستان جا لاڳاپا پراڻي دوستي ۽ اعتماد تي ٻڌل آهن. پاور ڊ??يزن موجب روس ۽ پاڪستان وچ ۾ 8 مع??هدن تي صحيح ڪئي وئي. ڪامسيٽس ۽ پشاور يونيورسٽي جا روسي تعليمي ادارن سان مع??هدا ٿيا جڏهن ته ??يوٽيڪ جو به روسي يونيورسٽي سان مع??هدو طئي ٿيو آهي. ٻين مع??هدن ۾ انسولين جي تياري جي حوالي سان به ٻنهي ملڪن وچ ۾ مع??هدا طئي ٿيا. ٻطرفي واپار ۽ صنعتي شعبي ۾ سهڪار بابت به مع??هدو طئي ٿي ويو. پاڪستان ۽ روس وچ ۾ واپاري ۽ مع??شي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان به مع??هدي تي صحيح ڪئي وئي.