??سل??م آباد-27 نومبر (اي پي پي) ??سل??م آباد پوليس مددگار فورسز فرنٽيئر ڪور، پنجاب رينجرز سميت ٻين ادارن جي مدد سان ڊي چوڪ کا?? خيبر پلازه، بليو ايريا جي ٻنهي پاس?? کي مظاهرين کا?? خالي ڪرائي ورتو آهي، حڪومت جي اثرائتي حڪمت عملي ۽ قانون لاڳو ڪند?? ادارن جي وقت سر ڪارروائي جي ڪري وفاقي حڪومت ۽ راولپنڊي ۾ امن امان مڪمل طور تي بحال ٿيو ويو آهي. ڪارروائي کا??پوءِ ??سل??م آباد ۽ راولپنڊي جا سمورا داخلي ۽ خارجي رستا کوليا ويا آهن. موٽر وي ايم 1- (??سل??م آباد کا?? پشاور)، ايم – 2 (??سل??م آباد کا?? لاهور)، ايم -3، ايم-4، ايم -5 ۽ لاهور – سيالڪوٽ موٽر وي سميت سمورا رستا ??ر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بحال ڪيا ويا آهن. اهڙي طرح سموريون وڏيون هاءِ ويز ۽ فيض آباد انٽرچينج تان به ڪنٽينر هٽايا ويا آهن. مظاهري سبب متاثر ٿيل تعليمي ادارا 28 نومبر کا?? معمول موجب کلي ويندا. آفيسن ۾ حاضري مڪمل ٿي وئي آهي ۽ انٽرنيٽ سروس به بحال ڪئي وئي آهي. گهرو وزارت بيلاروس جي صدر ۽ سندس 65 رڪني وفد جي موجودگي دوران حڪومت ريذ زون جي سيڪيورٽي پاڪ فوج جي حوالي ڪري ڇڏي هئي. مظاهرو ڪندڙن کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ ??سل??م آباد پوليس، ايف سي، پنجاب رينجرز ۽ ٻين فورسز جي اضافي نفري مقرر ڪئي وئي هئي، جنهن ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي کا??سواءِ امن امان قائم رکيو. گهرو وزير ڪليئر ڪرايل علائقن جو دورو ڪيو ۽ فورسز جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته الله جو شڪر آهي ته شرپسند عنصرن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائيندي امن قائم رکند?? ادارن جي محنت سان پاڪستان جي عوام جي ڪاميابي ٿي آهي. هن فوري صفائي ۽ رڪاوٽون هٽائڻ جا به حڪم جاري ڪيا. مظاهرن سبب معطل ڪيل موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروسز به آهستي آهستي صحيح ٿي رهي آهي.ٽيلي ڪام ڪمپنين وفاقي گادي واري شهر ۽ راولپنڊي ۾ نيٽو رڪ جي مڪمل بحالي لاءِ قدم شروع ڪري ڇڏيا آهن. انٽرنيٽ جي دستيابي سان ڪاروباري سرگرميون، آن لائن تعليمي نظام ۽ عوامي رابطا ٻيهر بحال ٿي ويا آهن، جنهن تي شهرين اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. مظاهرين جي ڇڙوڇڙ ٿيڻ کا??پوءِ ??سل??م آباد ۽ راولپنڊي جي شهرين سک جو ساهه کنيو آهي، بند رستا کلڻ سان روزمره جا معمول بحال ٿي ويا آهن، شهرين حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪند?? ادارن جي حڪمت عملي کي ساراهيندي ان جو ٿورو مڃيو. حڪومت جي ڪامياب حڪمت عملي حڪومت جي دانشمداڻي حڪمي عملي ۽ قانون لاڳو ڪند?? ادرن جي وقت سر ڪارروائي مظاهرن سبب پيدا ٿيل صورتحال کي مڪمل ضابطي ۾ آڻي ورتو. شهرين جو اعتماد بحال ٿي رهيو آهي. جاڙن شهرن ۾ زندگي مڪمل طور تي معمول تي اچي چڪي آهي.