باڪو-21 نومبر (اي پي پي) آذربائيجان ۾ رٿيل عالمي فورم ڪوپ 29 جي پڄاڻي تي مواصلات، نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ ??اري وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ ترڪيه جي ٽرانسپورٽ ۽ انفرااسٽرڪچر واري وزير عبدالقادر يورا لوغلو جي ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اڳ کان موجود ڀائراڻي واپاري لاڳاپن ۾ وڌيڪ واڌ تي غور ڪيو ويو. وفاقي وزير عبدالعليم خان جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي دوستي ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ پختي ايندي. هن چيو ته ترڪيه کان پاڪستان ۾ هر طرح جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪنداسين. هن ترڪيه جي وزير کي خا?? ڪري پاڪستا?? جي مواصلات جي شعبي ۾ جاري رٿائن کان آگاهه ڪيو ۽ ان ۾ ترڪيه کي سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي. وفاقي وزير عبدالعليم خان آذربائيجا?? جي ڊجيٽل ڊولپمينٽ اينڊ ٽرانسپورٽ واري وزير راشد نبي اوف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ خا?? ڪري باڪو ۾ رٿيل ڪوپ 29 جي ڪامياب سيشن کي ساراهيو ويو ?? آذربائيجان ۽ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪندي آئنده لائحه عمل تي غور ويچار ڪيو ويو. وفاقي وزير عبدالعليم خان جو چوڻ هو ته آذربائيجان ۾ پاڪستاني ڪميونٽي وڏي انگ ۾ تعليم، روزگار ۽ سياحت سان واڳيل آهي، پاڪستان آذربائيجان سان مختلف شعبن ۾ جي ٽو جي سرگرمين ۾ دلچسپي رکي ٿو. هن باڪو ۾ پنهنجي قيام کي خوشگوار ۽ مثبت قرار ڏنو جنهن ۾ مختلف ملڪ?? جي وزيرن سان خيال?? جي ڏي وٺ جو موقعو مليو. ترڪيه ?? آذربائيجا?? جي ٽرانسپورٽ جي وزيرن ڌار ڌار ملاقاتن ۾ پاڪستان کان وفاقي وزير عبدالعليم خا?? جي اڳواڻي ۾ وفد جي شرڪت کي ساراهيو ۽ کين پنهنجي ملڪن طرفان ڀرپور سهڪار جي خا??ري ڪرائي. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان باڪو آذربائيجان ۾ ڪوپ 29 جي فورم ۾ پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ڪندي ٽرانسپورٽ سيشن ۽ ڊجيٽل مڊل ڪوريڊور اينڊ بيانڊ ۾ شرڪت ڪئي ۽ بين لوزارتي رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس ۾ پاڪستا?? جي نمائندگي ڪئي ۽ ا?? جي آذربائيجا?? جي توانائي واري وزير ميڪائيل جيبا روف سان پڻ ملاقات ٿي، جڏهن ته مجموعي طور تي ان دوري ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ مواصلات واري شعبي جي حوالي سان اهم رٿائن تي ڳالهه ٻولهه ٿي.