اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽي??س چوري ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث شگر ملز مالڪن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪندي چيو آهي ??ه کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايف بي آر، ايف آءِ اي ۽ آءِ بي کي کنڊ جي وڪري تي ٽي??س جي چوري، غيردستاويزي وڪري ۽ ق??متن ۾ اضافي جي روڪٿام جي لاءِ گڏيل ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ايف بي آر، آءِ بي ۽ ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي آهي ??ه شگر سيڪٽر ۾ سيلز ٽي??س جي چوري جي خاتمي کي يقيني بڻايو وڃي، ڪمند جي پيڙهائي جي مُند شروع ٿي رهي ??هي، شگر ملز ۽ ڊيلرز کان جي ايس ٽي جي 100 سيڪڙو وصولي کي پڻ يقيني بڻايو وڃي. بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي شگر ملز ۾ ڪئميرائون هڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ??نهن سان کنڊ جي ذخيره اندوزي نه ٿي سگهندي ۽ ق??متن ۾ توازن رهندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ??ه ٽي??س چوري ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث شگر ملز مالڪن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. وزيراعظم جي هدايت تي ڪيمرائن جي ذريعي شگر ملز جي پيداواري عمل ۽ ذخيره اندوزي تي نظر رکي ويندي، سيلز ٽي??س جي ادائيگي يقيني بڻائي ويندي ۽ کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. وزيراعظم شگر سٽه مافيا جي خلاف پڻ سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ??ه وزيراعظم اسٽيل، سگريٽ، سيمنٽ ۽ مشروبات سميت ٻين شعبن ۾ پڻ اهڙي طرح جي قدمن جي هدايت ڪئي آهي.