باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) ڪانفرنس آف پارٽيز جي 29هي?? ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس (ڪوپ 29) ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن جي گروپ فوٽو سيشن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف په??ين صف ۾ موجود هو. فوٽو سيشن ۾ ترڪ صدر رجب طيب ارد??ان?? آذربائي??ان جي صدر الهام عليوف، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سميت سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آيل ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ترڪ صدر رجب طيب اردوان فوٽو سيشن جي لاءِ پهتو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳتي وڌي سندس استقبال ڪيو ۽ هٿ ملايو. ان موقعي تي وزيراعظم جي ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ??ڻ ٿي. ان کان اڳ وزيراعظم سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پهتو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ۽ آذربائي??ان جي صدر الهام عليوف سندس شاندار استقبال ڪيو.