اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده سان پاڪستان ۾ تر??يه جي سفير عرفان نذير اوگلو ملاقات ڪئي. هائوسنگ واري وزارت جي ترجمان موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وفاقي وزير تر??يه جي هائوسنگ ماڊل کي ساراهيو ۽ ت????يه جي ڪامياب هائوسنگ ماڊل کي پاڪستان ۾ اختيار ڪرڻ لاءِ دلچسپي ظاهر ڪئي. وفاقي وزير چيو ته تر??يه جا ماڻهو ۽ هي خطو اسان جي دل جي تمام ويجهو آهن، وزيراعظم جي ويزن ??حت هلندي اسان امداد بدران هائوسنگ لاءِ انويسٽمينٽ تي توجهه ڏئي رهيا آهيون، ان موقعي تي تر??يه جي سف??ر پاڪستان ۾ هائوسنگ پراجيڪٽ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ??يو.