رياض -10 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار اميد ظاهر ڪئي آه??، ته نئين آمريڪي انتظاميه گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن موجب وچ اوڀر م امن جي ڪوششن کي ترجيحي طور هٿي ڏيندي، اسرائيلي اڳرائي جي مذمت ڪافي ناهي، فلسطيني عوام جي حقن لاءِ انهن سان گڏ ٿيڻ، گڏ بيهڻ ۽ انهن لاءِ انصاف جو مطالبو ڪرڻ اخلاقي ۽ قانون ذميواري کي پورو ڪرڻ لاءِ فوري طور ڪم ڪرڻو پوندو، غزه ۽ خطي ۾ فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي جي حاصلات، فلسطينين کي بنا روڪ ٽوڪ جي انساني امداد کي يقيني بڻائڻ، اسرائيل کي يو اين آر ڊبليو اي کي بدنام ڪرڻ کان روڪڻ تي مجبور ڪرڻ جي ضرورت اهي، وچ اوڀر جي صورتحال تي ٻي عرب اسلامي سربراهي ا??لاس لاءِ پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي تياري جي ا??لاس کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم چيو ته صرف اسرائيلي قدمن جي مذمت ڪافي ناهي. هن فلسطيني عوام جي حقن لاءِ انهن سان گڏ بيهڻ ۽ انهن لاءِ انصاف جو مطالبو ڪرڻ اخلاقي ۽ قانوني ذميواري کي پورو ڪرڻ لاءِ فوري طور ڪم ڪرڻ تي به زور ڀريو. نائب وزيراعظم چيو ته پوري مسلمان امت اڄ اسان ڏانهن ڏسي رهي آه??، اسان کي پختي ۽ سياسي عزم ۽ مڪمل اتحاد جو مظاهرو ڪرڻ ۽ موجوده صورتحال کي موثر طور منهن ڏيڻ لاءِ ٺوس قدمن کڻڻ جي ضرورت آه??. هن غزه ۽ خطي م فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي جي حاصلات، فلسطينين کي بنا روڪ ٽوڪ جي انساني امداد کي يقيني بڻائڻ، اسرائيل کي يو اين آر ڊبليو اي کي بدنام ڪرڻ کان روڪڻ تي مجبور ڪرڻ ڪرڻ ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي تي زور ڀريو آه??، ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته يو اين آر ڊبليو اي پنهنجون اهم ڪارروائيون جاري رکي، اسحاق ڊار گڏيل قومن جي ٺهراءَ اي ايس24/10 تي مڪمل عملدرآمد، گڏيل قومن م فلسطين جي مڪمل ميمبرشپ جي حيثيت سان شموليت جي حمايت، جنگي ڏوهن تي ا??رائيل کي جوابده قرار ڏيڻ، قانوني رستا تلاش ڪرڻ، اسرائيل تي فوري هٿيارن جي پابندي لاڳو ڪرڻ، گڏيل قومن ۾ اسرائيل جي ميمبرشپ جو جامع جائزو وٺڻ ۽ منظور ٿيل ٺهرائن تي عملدرآمد م اڳڀرائي کي مربوط ڪرڻ لاءِ گڏيل عرب اسلامي سربراهي ا??لاس ذريعي وچ اوڀر لاءِ هڪ گڏيل عرب اسلامي خاص ايلچي نامزد ڪرڻ تي به زور ڀريو. هن چيو ته گذر??ل سال نومبر ۾ رياض م ٿيل پهرين گڏيل عرب اسلامي سربراهي ا??لاس م غزه م جنگ جي خاتمي لاءِ ڏور رس فيصلا ڪيا ويا هئا، جيتوڻيڪ هن جو چوڻ هو ته بدقسمتي سان هڪ سال کان وڌيڪ عرصو گذرڻ بعد به وچ اوڀر جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آه??. هن چيو ته اسرائ??ل سمورن عالمي ا??ولن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آه??، اسرائيلي قابض فوج معصوم فلسطينين خلاف جنگي ڏوهن ۽ انسانيت خلاف ڏوهه جاري رکيو پيو وڃي. هن چيو ته گذريل هڪ سال دوران بيگناهه فلسطينين جي شهادت جو تعداد 44 هزار کان وڌي ويو آه??، جڏهن ته هڪ لک کان وڌيڪ زخمي ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آه??. ٻئي پاسي هن چيو ته فلسطينين تائين عالمي قانونن جي رسائي کي وڌيڪ محدود ڪيو ويو آه??. هن تڪرار کي لبنان، شام ۽ ايران تائين وڌايو ويو. فلسطين کان ٻاهر جي رياستن جي خودمختياري تي قبضو ڪرڻ نام نهاد عظيم تر اسرائيل نه رڪجندڙ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ سنگين نقصان سان ڀريل آه??. پاڪستان انهن ڀائر ملڪن خلاف اسرائيل جي فوجي حملن جي سخت مذمت ڪري ٿو، جيڪي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي سڌي ريت ڀڃڪڙي آه??. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل غيرموثر رهي، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي، او آءِ سي ۽ عالمي انصاف واري عدالت طرفان جنگ بندي، بنا روڪ ٽوڪ جي انساني امداد ۽ شهري تحفظ جي مطالبي کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو ويو آه??. گذريل مهيني ٻه رياستي حل لاڳو ڪرڻ لاءِ عالمي ا??حاد جو افتتاحي ا??لاس رٿڻ تي سعودي عرب جي هنن قدمن تي مبارڪون ڏيندي نائب وزيراعظم خاطري ڪرائي ته پاڪستان پنهنجي مقصدن جي حاصلات لاءِ اتحاد سان پنهنجي عزم ۽ رابطن جي پاسداري ڪندو. پاڪستان گلوبل الائينس جي مختلف موضوعاتي ورڪنگ گروپس ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جو خواهشمند آه??. هن مسلم امت کي درپيش ان ناقابل برداشت مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ گذريل نومبر ۾ پهرين عرب اسلامي سربراهي ا??لاس کان پوءِ جوڙيل وزارتي ڪميٽي جي مخلصاڻين ڪوششن کي به ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان هميشه فلسطيني ڪاز جو حامي رهيو آه??. هن چيو ته گذر??ل سال آڪٽوبر کان هن وقت تائين پاڪستان پنهنجي فلسطيني ڀائرن لاءِ انساني امداد جي 12هين کيپ موڪلي آه??، ان کان علاوه فلسطيني شاگردن کي مختلف پاڪستاني تعليمي ا??ارن م وڌيڪ اسڪالرشپس فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته پاڪستان فلسطيني ميڊيڪل شاگردن کي پاڪستان جي طبي ا??ارن م تعليم مڪمل ڪرڻ لاءِ به موقعا فراهم ڪري رهيو آه??. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي فلسطيني ڀائرن جي حقن جي حمايت ان وقت تائين جاري رهندو جيستائين جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ قابل عمل، خودمختيار رياست فلسطين جو قيام عمل ۾ نٿو اچي، جنهن جو گادي وارو هنڌ القدس شريف هجي. نائب وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار ان موقعي تي خادمين حرمين شريفين سلمان بن عبدالعزيز السعود، سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده مهمد بن سلمان بن عبدالعزيز آلس عود ۽ پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود بن عبدالله جو ٿورو مڃيو، جن ڪانفرنس جي تيارين لاءِ هي اهم اجلاس طلب ڪيو. هن فلسطيني ڪاز لاءِ او آءِ سي ۽ عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل جي پختي وابستگي جي ڪوششن کي به ساراهيو.