لاهور- 09 نومبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته حڪومتي قدمن سان معيشت ۾ نمايان بهتري آئي، قطر ۽ آذ??با??يجان پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري لاءِ تيار آهن، علامه اقبال جا فڪر ئي اسان لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جو رستو آهن، نوجوانن کي بااختيار بڻائي رهيا آهيون، پي ٽي آءِ باني پنهنجي آزادي لاءِ پارٽي قيادت کي ڌرڻن ۽ ڏڦيڙ لاءِ ڀڙڪائيندو رهيو. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن مزار اقبال تي حاضري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اڄ پوري مسلمان امت کي اقبال جي خودي جي پيغام تي پهرين کان وڌيڪ عمل ڪرڻ جي ضرورت آ??ي، علامه اقبال جي فلسفي ۽ شاعري کي وچ ايشيا ۾ تمام گهڻو پڙهايو ويندو آ??ي، اسان اقبال جي ويزن موجب نوجوانن کي بااختيار بڻائي رهيا آهيون. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو واضح ويزن آهي ته اسان کي قرض ناهي وٺڻو ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻي آ??ي، جلد ملڪ ۾ سيڙپڪاري اچي رهي آ??ي، حڪومتي ڪوششن سان معيشت ۾ نمايان بهتري آئي آ??ي، جنهن سان مهانگائي ۾ گهٽتائي اچي رهي آ??ي، آٽو، پيٽرول سستو ۽ روپيو مستحڪم ٿي رهيو آ??ي، پرڏيهي مٽا سٽا جي ناڻي ۾ واڌ ٿي آ??ي، ??اڻ?? پاڪستان کي ترقي ڪرڻي آ??ي، عوام جي ڀلائي ۽ بهتري جا قدم کنيا پيا وڃن، هن چيو ته اسان دوست ملڪن سان قرض ۽ امداد نه پر سيڙپاڪري جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. سعودي عرب سان سيڙپڪاري جا معاهدا 6 ارب ڊالرن کان وڌي چڪا آهن، قطر پاڪستان ۾ 3 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري لاءِ تيار آ??ي، آذ??با??يجان پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان جي ڪوشش رهي آهي ته بزنس ٽو بزنس معاهدا ٿين، حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ نا??ي، ڪاروباري طبقي کي سهولتون فراهم ڪرڻ آ??ي، ڪيترائي ملڪ برڪس ۾ پاڪستان جي ميمبرشپ جا حامي آهن، سي پيڪ تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آ??ي، پاڪستان جا چين سان لاڳاپا مضبوط کان مضبوط ٿي رهيا آهن، مشهور سعودي سب وي پاڪستان ۾ پنهنجون برانچون کولي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته رياست کان رياست جا معاملا پرڏيهي پاليسي جو حصو هوندا آهن، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ بهتري آئي آ??ي، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي سبب سڄي دنيا سان لاڳاپا مضبوط ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ڪو به سياسي اڳواڻ يا سياسي پارٽي ملڪ کان وڌيڪ نا??ي، معاشري ۾ ويڇا ۽ نفرتون پکيڙڻ اصل ۾ غيرن جو منصوبو هو، پي ٽي آءِ باني پنهنجي آزادي لاءِ پارٽي قيادت کي ڌرڻن ۽ ڏڦيڙ لاءِ ڀڙڪائيندو رهيو، 9 مئي جا ڏڦيڙي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي سازشن ۾ مصروف آهن. عطا الله تارڙ چيو ته ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين کي سياست کان مٿانهون هجڻ، فلسطين بابت زيڪ گولڊ سمٿ جي بيان جي اڄ تائين مذمت ناهي ڪئي وئي، پي ٽي آءِ جي فنڊنگ ڪندڙ پهرين ئي ??سر??ئيل لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، ??سر??ئيل لاءِ فنڊز جمع ڪري هٿين خالي فلسطينين کي نشانو بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته خيبرپختونخواه ۾ ڪو ڪم نه ٿي رهيو آ??ي، خيبرپختونخوا ۾ مهانگائي ۾ نه گهٽتائي آئي نه ئي گاڏين جا ڀاڙا گهٽيا آهن، هن چيو ته عثمان بزدار کي پنجاب جو حڪمران بڻائي ڦرلٽ جي بازار گرم ڪئي وئي، پي ٽي آءِ ايس سي او کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، 12 ملڪن جا وزيراعظم پاڪستان اچي رهيا هئا ۽ پي ٽي آءِ وارا احتجاج ڪري رهيا هئا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 26 هين آئيني ترميم جي ڪنهن کلي مخالفت نه ڪئي، وڪيلن 26 هين آئيني ترميم جي حمايت ڪئي آ??ي، آئيني ترميم وڪيلن جو پراڻو مطالبو هو ۽ ان معاملي تي اهي متحد ۽ متفق آهن. 26 هين آئيني ترميم جي مسودي تي پي ٽي آءِ باني موجوده قيادت کي ڇن?? پٽي، وفاقي وزير چيو ته ڪوئيٽا ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪريون ٿا، ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هر قدم کڻنداسين. چئن سالن ۾ محمد نواز شريف ملڪ ۾ امن قائم ڪري ڏيکاريو، پي ٽي آءِ حڪومت دهشتگردن کي واپس آڻي پاڪستان ۾ آباد ڪيو، خيبرپختونخوا ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪرڻو پوندو، ڪرڪيٽ ڊپلوميسي جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪرڪيٽ کي سياست کان پاڪ هجڻ گهرجي، چيمپئنز ٽرافي پاڪستان جو حق آهي ۽ اها پاڪستان ۾ ئي ٿيندي.