??ذر – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ ميگا ترقياتي منصوبن جي تڪميل سان ترقي ۽ خوشحالي جي ??ئين دور جي شروعات ٿيندي، اسان کي پنهنجي ??وجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ??ريننگ ڏيڻ گهرجي، سعودي عرب ۽ نار ملڪن ۾ جديد شعبن ۾ هنرمند افرادي قوت جي ??اءِ بي پناهه موقعا موجود آهن، گلگت بلتستان ۾ سياحت جي ??روغ سان هي خطو خوشحال ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان ۾ ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن جي ??يڙهه جو پٿر رکڻ جي ??وقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته گلگت بلتستان جي عظيم ۽ محب وطن ڀينرن ڀائرن سان ملي خوشي ٿي، ??ذر جي علائقي جو اڄ دورو ڪيو جتي 2022ع ۾ قدرتي آفت آئي هئي ۽ اتي پوري ڳوٺ جو نشانو مٽجي ??يو هو، آگسٽ 2022ع ۾ هتان جو دورو ڪيو هو، تباهي ڏسي ڏک ٿيو، هڪ معصوم ٻارڙي ۽ سندس والد زندهه بچ?? ويا هئا، ان وقت ان ڳوٺ جي بحالي جي ??دايت ڪئي هئي، اتان جا ماڻهو اڄ پنهنجي گهرن جا مالڪ بڻجي ??يا، زندهه بچ?? ويندڙ قوم جي ڌيءَ جي ??اءِ پاڪستان جي حڪومت 50 لک رپيا سندس اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايا هئا جيڪي اڄ 67 لک رپيا ٿي ويا آهن. هن چيو ته اسان سڀ الله تعاليٰ جا لک لک شڪر ادا ڪريون ٿا، قوم جي اها ڌيءَ محنت ڪري باوقار زندگي گذاريندي، ان ڌيءَ کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو نه پوندو. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ سردين ۾ بجلي جو مسئلو شدت اختيار ڪيو وڃي ٿو، ڪجهه علائقن ۾ پاڻي جي ??سئلي ۽ يونيورسٽين ۾ ذهين شاگردن جي تعليم سميت انفراسٽرڪچر جي ??نصوبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ٺوس فيصلا ڪيا. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ پن بجلي جي 2 منصوبن جي ??يڙهه جو پٿر ر??يو آهي، انهن منصوبن تي تڪميل کان اڳ جيالوجيڪل سروي سميت مختلف سببن جي ڪري ڊگهو وقت گهربل هوندو آهي. هن چيو ته سردين ۾ بجلي جي طلب 450 ميگاواٽ تائين په??ي وڃي ٿي جيڪو وڏو چئلينج آهي، ٽيڪنيڪل يونيورسٽي جي ??يڙهه جو پٿر ر??يو آهي، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ان جي شروعات ڪئي هئي، يونيورسٽي آف بلتستان ۽ ٻين منصوبن تي عمل ٿيڻ وڃي رهيو آهي، ڪجهه منصوبا مڪمل ٿي ويا آهن. هن چيو ته وفاقي حڪومت گلگت بلتستان جي ??اءِ بجلي جي طلب کي پورو ڪرڻ جي ??اءِ فوري طور تي هڪ سئو ميگاواٽ شمسي توانائي جو منصوبو لڳائيندي جيڪو هڪ سال ۾ مڪمل ڪيو ويندو، پنهنجي ذاتي نگراني ۾ اهو منصوبو مڪمل ڪرائيندس. وزيراعظم چيو ته بلتستان يونيورسٽي ۽ قراقرم يونيورسٽي ۾ تعليم پرائيندڙ شاگردن مان جيڪي پنهنجي ??يس ادا نه ٿا ڪري سگهن ان مد ۾ ٻنهي يونيورسٽين جي ??اءِ 50، 50 ڪروڙ رپين جو فنڊز رکنداسين جنهن سان انهن شاگردن کي وظيفا ڏنا ويندا. هن چيو ته مواصلات وارو سيڪريٽري رستن جي ??عاملن جي حل لاءِ پوري گلگت بلتستان جو دورو ڪندو، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزير امير مقام، ڪشمير معاملن واري وزارت جي سيڪريٽري، گلگت بلتستان جي ??ڏي وزير ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽري کي عوام جي ??سئلن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ جي ??دايت ڪئي آهي ته جيئن ان بابت فوري فيصلاسازي ٿي سگهي. هن چيو ته گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت سڄي ملڪ ۾ موجود نوجوان اسان جو وڏو اثاثو آهن، سعودي عرب ۽ نار ملڪن ۾ هنرمند افرادي قوت جي ??اءِ بي پناهه موقعا موجود آهن، اسان کي پنهنجي ??وجوانن، ٻارڙن ۽ ٻارڙين کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ??ريننگ ڏيڻ گهرجي، وفاقي حڪومت ان تي ڀرپور ڌيان ڏنو آهي، ان سان ڪروڙين نوجوان باوقار طريقي سان روزگار حاصل ڪري سگهندا، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تربيت کي تيزي سان وسعت ڏئي رهيا آهيون، ان جو نوجوانن ۽ پاڪستان کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته گلگت بلتستان جي غيرتمند ۽ بهادر عوام عظيم قربانيون ڏئي ڊوگره راج کان آزادي حاصل ڪئي. هن يقين ڏياريو ته شهيدن جون قربانين ڀلي قيام پاڪستان جي ??اءِ هجن يا گلگت بلتستان حاصل ڪرڻ جي ??اءِ هجن اسان جي بزرگن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، انهن جو رت رنگ آڻيندو ۽ پاڪستان عظيم بڻجندو. هن چيو ته گلگت بلتستان خوبصورت علائقو آهي، هتي سياحت جي ??روغ جي ??اءِ پنهنجي ??طر ۽ سعودي عرب جي دوري دوران ڳالهه ٻولهه ڪئي، هن علائقي ۾ سياحت جي ??روغ جي ??اءِ سيڙپڪاري ٿيندي، هتي سڄي دنيا مان سياح ايندا، هي خطو خوشحال ٿيندو، پاڪستان عالمي دنيا ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪندو.