اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بنون ۾ د??شتگردن جي خلاف آپريشن ۾ شهادت ماڻيندڙ پاڪ فوج جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آه?? ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز وطن جي دفاع جي خاطر هر دم چوڪس آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ??وجب صدر آصف علي زرداري ميجر عاطف خليل، نائيڪ آزاد الله ۽ لانس نائيڪ غضنفر عباس کي قوم پاران سلام پيش ڪيو. هن چيو ته پاڪ فوج جي جوانن خوارج جي خلاف بهادري سان ??ڙهندي شهادت ماڻي. صدر چيو ته سڄي قوم فتنه الخوارج جي خلاف پنهنجي فورسز سان گڏ آهي. صدر آصف علي زرداري بنون ۾ شهادت ماڻيندڙ جوانن جي لاءِ دعا ڪئي. هن شهيدن جي پونئيرن سان ??مدرديءَ جو اظهار ڪندي انهن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.