اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سام??ا ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي ب??گل??ديش جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار محمد توحيد ح??ين سان ٻطرفي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب عهدو سنڀالڻ کانپوءِ نائب وزيراعظم ۽ ب??گل??ديش جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار جي وچ ۾ اها پهرين ملاقات هئي. نائب وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رابطن تي روشني وڌي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي وزير محمد توحيد ح??ين پاڪستان ۽ ب??گل??ديش جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي ڊائيلاگ خاص طور تي واپار، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين مختلف گهڻ رخي فورمز تي وڌيڪ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. هن علائقائي تعاون بابت ڏکڻ ايشيا تنظيم (سارڪ) جي ڪردار تي پڻ خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي.