اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پاڪستاني عوام خاص طور تي سرنديءَ وارن ماڻهن کي صيهوني ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار معصوم فلسطينين ۽ لبنانين جي مدد جي لاءِ قائم امدادي فنڊ ۾ وڌي چڙهي عطيا جمع ڪرائڻ ج?? اپيل ڪندي چيو آهي ته پاڪستان سرديءَ جي موسم جي لاءِ غزه، فلسطين ۽ لبنان ۾ معصوم مسلمان ڀينرن ڀائرن جي لاءِ جلد وڌيڪ 3 هزار خيما ۽ 12 هزار ڪمبل موڪليندو جڏهن ته 8 آڪٽوبر 2023ع کان هيستائين امدادي شين جي 12 ڪارگوز فلسطين ۽ لبنان موڪليا ويا آهن جن ۾ 3145 خيما، 12625 ڪمبل سمي?? کاڌي پيتي جون شيون، خشڪ کير ۽ دوائون شامل آهن. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ غزه، فلسطين ۽ لبنان ?? پاڪستان پاران موڪلي ويندڙ امداد جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيرا??ظم چيو ته فلسطين، غزه ۽ لبنان جي مسلمانن کي مصيبت ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين. وزيرا??ظم حڪومتي قدمن سان گڏوگڏ عوام کي پڻ پنهنجي فلسطينين ڀينرن ڀائرن جي مدد جي اپيل ڪندي چيو ته صيهوني ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار معصوم فلسطينين ۽ لبنانين جي مدد جي لاءِ پاڪستان حڪومت امدادي فنڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي. وزيرا??ظم اپيل ڪئي ته پاڪستاني عوام خاص طور تي سرنديءَ وارا ماڻهو وڌي چڙهي ان فنڊ ۾ عطيو جمع ڪرائين، پاڪستان ۽ مل?? کان ٻاهر رهندڙ پاڪستاني IBAN: PK11SBPD0000001111114292 Raast ID: 01111114292 ۾ عطيو جمع ڪرائي پنهنجي فلسطيني ۽ لبناني ڀينرن ڀائرن جي مدد ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان سرديءَ جي موسم جي لاءِ فلسطين، غزه ۽ لبنان ۾ اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ جي شڪار مسلمان ڀينرن ڀائرن جي لاءِ وڌيڪ خيما ۽ ڪمبل موڪليندو، پاڪستان فلسطين ۽ لبنان ۾ معصوم مسلمان ڀينرن ڀائرن جي لاءِ جلد وڌيڪ 3 هزار خيما ۽ 12 هزار ڪمبل موڪليندو. وزيرا??ظم پاڙيسري ملڪن ?? پاڪستان جي سفيرن کي خيمن ۽ ڪمبلن جي گهربل انگ جي حوالي سان رپورٽ پيش ڪرڻ ج?? هدايت ڪئي. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ جي شڪار مسلمان ڀينرن ڀائرن جي لاءِ کاڌي پيتي جون شيون ۽ دوائون پڻ موڪلي رهيو آهي، اسرائيل جو فلسطينين تائين امداد ۾ رڪاوٽ پيدا ڪرڻ ڳڻتي جوڳو ۽ مذمت جوڳو آهي. وزيرا??ظم چيو ته فلسطينين ۽ لبنانين جي مدد جي لاءِ حڪومتي ڪوششن ۾ تعاون ڪندڙ اين جي اوز جو ڪردار پڻ ساراهه جوڳو آهي، فلسطين ۽ لبنان جي پاڙيسري ملڪن ?? پاڪستاني سفير پاڪستان پاران موڪلي ويندڙ شين جي پهچ کي تيز ۽ يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪن. وزيرا??ظم چيو ته ڏينهون ڏينهن وڌندڙ اسرائيلي جارحيت پوري خطي کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي رهي آهي، عالمي قوتون اسرائيل کي معصوم ماڻهن جي نسل ڪشيءَ کان فوري طور تي روڪين، تاريخ گواهه آهي ته 20هين صديءَ ۾ عالمي جنگين جو وڏو سبب عالمي قوتن پاران اهڙن تڪرارن تي خاموش هيون. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي ۽ پرڏيهي وزارت وزيرا??ظم کي امدادي شين جي رستن، پهچ جي ذريعن ۽ شين جي تفصيل کان آگاهه ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 8 آڪٽوبر 2023ع کان هيستائين امدادي شين جا 12 ڪارگوز فلسطين ۽ لبنان موڪليا ويا آهن، انهن ڪارگوز ۾ 6 چارٽر، 3 پاڪ فضائيه جون خصوصي اڏامون ۽ 3 ڪارگوز سامونڊي رستي موڪليا ويا. موڪلي ويندڙ شين ۾3145 خيما، 12625 ڪمبل سمي?? کاڌي پيتي جون شيون، خشڪ کير ۽ دوائون شامل آهن. وڌيڪ 3 هزار خيما ۽ 12 هزار ڪمبل ايندڙ ٽن اڏامن جي ذريعي موڪليا پيا وڃن. وزيرا??ظم کي اين جي اوز پاران موڪلي ويندڙ شين جي تفصيل کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيرا??ظم کي ٻڌايو ويو ته فلسطيني ميڊيڪل شاگردن جو پهريون گروپ لاهور پهچي چڪو جڏهن ته ٻيو گروپ پڻ گذريل ڏينهن اسلام آباد پهچي ويو. وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته ميڊيڪل سان گڏوگڏ ٻين شعبن ۾ پڻ شاگردن جي پاڪستان جي يونيورسٽين ۾ تعليم جي لاءِ قدم يقيني بڻايا وڃن. وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته امدادي شين جي مقدار کي وڌايو وڃي خاص طور تي موڪلي ويندڙ شين ۾سرديءَ کان بچاءُ جا فائر پروف خيما ۽ ڪمبل وڏي انگ ۾ شامل ڪيا وڃن. وزيرا??ظم اها به هدايت ڪئي ته موڪلي ويندڙ شين جي معيار تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو وڃي. اجلاس ۾ نائب وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن احسن اقبال، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، وزيرا??ظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، خاص معاون طارق فاطمي، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين، اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.