راولپنڊي-04 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج ج?? سربراهه جنرل سيد عاصم منير سان ڪالهه هتي ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن اسٽريٽجڪ مفادن، علائقائي سلامتي ۽ دفاعي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فوج ج?? سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم جي ملاقات ۾ پاڪستان، ملائيشيا ٻطرفن لاڳاپن خاص ڪري فوجي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. ملائيشيا جي وزيراعظم علائقائي امن ۽ استحڪام ۾ پاڪ فوج ج?? ڪردار ۽ دهشتگردي سان جنگ ۾ به پاڪستاني فوج ج?? پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ دهشتگردن خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج ج?? قربانين جو اع??را?? ڪيو. ملائيشيا جي وزيراعظم آرمي چيف کي ملائيشيا جي دوري جي دعوت ڏني جنهن تي آرمي چيف سندس ٿورو مڃيو، جڏهن ته ملاقات ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ويو ته دوري سان ٻنهي ملڪن ۽ ??وج وچ ۾ پائيدار ۽ تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ايوان صدر ۾ م??ائيشيا جي وزيراعظم جي اعزاز ۾ م??عقد تقريب ۾ به شرڪت ڪئي.