اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (??ي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۽ رياستي ۽ سرحدي معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ سندس وزارتن سان لا??اپ??ل معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ ملڪي مجموعي ۽ سياسي صورت??ال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.