فيصل آب??د-11 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي عظيم سپوت ۽ سيپٽمبر 1965ع ج?? جنگ جي هيرو ??يجر راجه عزيز ڀٽي شهيد (نشان حيدر) جو شهادت جو ڏهاڙو 12 سيپٽميبر خميس ڏينهن انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو. ميجر راجه عزيز ڀٽي شهيد 12 سيپٽمبر 1965ع تي پاڪ ڀارت جنگ دوران لاهور جي محاذ ۾ وڙهندي شهادت ماڻي. هن کي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي سڀ کان وڏو ??عزاز نشان حيدر سان نوازيو ويو. ورسي جي موقعي تي شهيد جي آخري آرام گاهه تي گلن جي چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪئي ويندي. ان موقعي تي مسجدن ۾ قرآن خوانين جو به انتظام ڪيو ويو آهي.