لاهور -11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته پاڪ فوج جا آفيسر۽ جوان پاڪستان جي سر زمين کي دهشتگردن کان پاڪ ڪري رهيا آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني قوم پاڪ فوج سان گڏ آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پڌرائي مطابق ??زيراعظم محمد شهباز شريف ڪجهه ڏينهن په??ين تيراه وادي ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ۾ زخمي ٿيل ليفٽيننٽ عزير محمود ملڪ جي شهادت تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي، شهيد جي بلند درجن ۽ پونئرن لاءِ صبر جي دعا ڪ??ي، وزيراعظم چيو ته ليفٽننٽ عزير محمود ملڪ جوانن جي قيادت ڪندي 4 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج جا آفيسر۽ جوان پاڪستان جي سر زمين کي دهشتگردن کان پاڪ ڪري رهيا آهن، مون سميت سڄي قوم پاڪ فوج جي بهادر آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته اسان جا شهيد ۽ انهن ج?? وارث سڄي قوم جو فخر آهن.