اسلام آباد -06 آگسٽ (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظ?? نذير تارڙ چيو آهي، ته ايندڙ مهيني (سيپٽمبر) جي آخر تائين پاسپو??ٽ جي پرنٽنگ جي صلاحيت وڌائي روزانو 55 کان 60 هزار ٿي ويندي، جنهن کان پوءِ پاسپو??ٽ جاري ڪرڻ ۾ دير جو مسئلو حل ٿي ويندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ آغا سيد رفيع الله ۽ سحر ڪامران جي پاسپو??ٽ جاري ڪرڻ ۾ دير بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي سينيٽر اعظ?? نذير تارڙ چيو ته 2004ع ۾ ان وقت جي ضرورتن مطابق مشينري ۽ سافٽ ويئر لڳايا ويا هئا، پر هاڻي پاسپو??ٽ جي گهرج وڌي روزانو 45 هزار ٿي چڪ?? آهي، ان کان علاوه مشينن جو تعداد به 20 کان وڌي 92 ٿي ويو آهي ۽ پاسپو??ٽ جون آفيسون به وڌي ويون آهن، انهن ضرورتن کي نظر ۾ رکندي نئين مشينري ۽ جديد پرنٽرز امپورٽ ڪرڻ لاءِ ٽينڊرز جاري ڪيا ويا آهن، ايندڙ مهيني سيپٽمبر جي آخر تائين هي سسٽم ڪم شروع ڪري ڇڏيندو. جنهن کان پوءِ روزانو 26 هزار بدران 55 کان 60 هزار پاسپورٽ تيار ٿيڻ شروع ٿي ويندا. ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي آغا سيد رفيع الله ۽ سحر ڪامران طرفان اٿاريل سوالن جا جواب ڏيندي پارلياماني معاملن واري وزير سينيٽر اعظ?? نذير تارڙ چيو ته حڪومت ان معاملي تي فوري ايڪشن ورتو آهي، جيڪڏهن ڪا ڪارروائ?? نه ڪئي وڃي ها ته پوءِ ڌيان ڇڪايو نوٽيس کي ڪميٽي حوالي ڪرڻ تي ڪو اعتراض نه هجي ها. هن چيو ته سيپٽمبر جي آخر تائين اهي اوزار لڳائڻ شروع ٿي ويندا جنهن کان پوءِ پاسپو??ٽ جي پرنٽنگ جو تعداد به وڌي ويندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مس ۽ ليمينيٽڊ پيپر جا مسئلا هئا، جن کي حل ڪيو پيو وڃي ۽ ايندڙ ٻن مهينن ۾ صورتحال بهتر ٿي ويندي.