اسلام آباد – 29 – جولائي (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي ”فچ“ پاران پاڪستان جي ريٽنگ ٽرپل س?? پلس ڪرڻ جي آجيا?? ڪندي چيو آهي ته رياست جي خاطر سياست جي قرباني جو ثمر اڄ معاشي بهتري جي صورت ۾ ملڪ ۽ قوم کي ملي رهيو آهي، پاڪستان جي عالمي ريٽنگ ٽرپل س?? پلس ٿيڻ صحيح معاشي پاليسي جو اعتراف آهي، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ مالياتي ٽيم جي محنت ۽ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزير??عظ?? چيو ته رياست جي خاطر سياست جي قرباني جو ثمر اڄ معاشي بهتري جي صورت ۾ ملڪ ۽ قوم کي ملي رهيو آهي، پاڪستان جي عالمي ريٽنگ ٽرپل س?? پلس ٿيڻ صحيح معاشي پاليسي جو عالمي اعتراف آهي. وزير??عظ?? چيو ته معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون، ان جا ثمر عوام تائين پهچائي سک جو ساهه کڻنداسين?? فچ ۽ ٻين عالمي مالياتي ادارن جون رپورٽون پاڪستان جي معاشي بهتري جي حوالي سان اهم آهن. وزير??عظ?? چيو ته پاڪستان جي معاشي بهتري جي رستي تي وڌيڪ محنت ۽ جذبي سان اڳتي وڌنداسين، اميد آهي آء?? ايم ايف جي نئين پروگرام سان پاڪستان جي معاشي بهتري ۽ سرگرمين ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. وزير??عظ?? چيو ته اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ وڌيڪ هڪ سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان پڻ معاشي بهتري جي هڪ ٻي جهلڪ آهي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي سان ناڻي واڌ ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي، ڪاروباري سرگرمين ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.