اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سلطنت عمان جي گادي واري شهر مسقط ۾ امام بارگاهه تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪ??ي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري واقعي ۾ قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس ??و اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسان جون ??مد??ديون مارجي ويلن جي پونئيرن ۽ عمان جي عوام سان گڏ آهن. صدر واقعي ۾ مارجي ويل پاڪستاني شهرين جي وارثن سان تعزيت ??و اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ انهن جي پونئيرن جي لاءِ صبر جميل ??ي دعا ڪئي.