اسلام آباد – 08 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري عبدالستار اي??ي جي ورسيءَ تي کيس شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته عبدالستار اي??ي سمورن ف??قن کان مٿانهون ٿي انسانيت جي خدمت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ??نگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته عبدالستار اي??ي جي پاڪستان ۽ انسانيت جي لاءِ بي مثال خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته عبدالستار اي??ي پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي انسان دوست شخصيت هئي، هن سماجي خدمتن جي شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ نسل، مذهب، سماجي حيثيت سميت سمورن ف??قن کان مٿانهون ٿي انسانيت جي خدمت ڪئي. صدر چيو ته عبدالستار اي??ي بي لوث جذبي سان سڄي ملڪ ۾ اسپتالن، يتيم خانن، پناهگاهن ۽ بحالي جي مرڪزن جو بنياد رکيو. صدر دع?? ڪئي ته الله تعاليٰ عبدالستار اي??ي جي مغفرت ۽ ان جا درجا بلند فرمائي.