اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ سينٽ لوشيا باضابطا طور تي سفارتي لاڳاپا قائم ڪر?? ڇڏيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ۽ سينٽ لوشيا جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي لاءِ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل مشن ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. سفارتي لاڳاپن جي معاهدي تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير منير اڪرم ۽ سينٽ لوشيا مان ان جي هم منصب سفير مينيسا رامبلي لاڳاپيل ملڪن پا??ان گڏيل پڌرنامي ??ي صحيحون ڪيون. ترجمان چيو ته گذريل ٽن سالن دو??ان پاڪستان پالائو، ڪر??باتي، ڊومينيڪ ريپبلڪ، سينٽ ڪٽس اينڊ نيوس ۽ ڊومينيڪا دولت مشترڪه سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا آهن. هن چيو ته اهو فيصلو پاڪستان جي پنهنجي سفارتي پهچ کي وڌائڻ ۽ سڄي دنيا جي ملڪن سان تعاون کي وڌائڻ جي پختي عزم جي عڪاسي ڪر?? ٿو.