اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگ??ام (پي ايس ڊي پي) جي ذريعي ملڪ ۾ پائيدار ترقي رکندڙ منصوبا آندا وڃن، سمورن وڏن قومي ترقياتي منصوبن جي ٿرڊ پارٽي ويل??ڊي??ن لازمي ٿيندي، ترقياتي بجيٽ ۽ پي ايس ڊي پي جي حوالي سان منصوبابندي واري وزير جي سربراهي ۾ ڪا??ينا ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا پي ايس ڊي پي پروگرامز جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ جي حوالي سان گهٽ مدي، وچولي مدي ۽ ڊگهي مدي واريون تجويزون جوڙي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊي?? ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ منصوبابندي واري وزارت ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي جي معاملن تي اهم اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس جي شرڪت ??ند??ن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگ??ام ۾ اهڙا منصوبا آندا وڃن جنهن سان ملڪ جي پائيدار ترقي ممڪن ٿي سگهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمورن وڏن قومي منصوبن جي ٿرڊ پارٽي ويل??ڊي??ن ڪرائي وڃي. هن وزيراعظم جي ترقياتي بجيٽ ۽ پي ايس ڊي پي جي حوالي سان ڪا??ينا ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اها ڪميٽي پي ايس ڊي پي پروگ??ام جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي حوالي سان گهٽ مدي، وچولي مدي ۽ ڊگهي مدي واريون تجويزون جوڙيندي. وزيراعظم پي ايس ڊي پي پروگرامز ۽ صوبن جي سالياني ترقياتي پروگ??ام جي حوالي سان وفاق ۽ صوبن ۾ هم آهنگي ۽ رابطا بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم سمورين وفاقي وزارتن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اقصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.