لاڙڪاڻو – 15 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ ڀٽو خاندان جي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳوڻي چيئرپرسن شهيد محترمه بي??ظير ڀٽو، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ب??گم نصرت ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي ۽ انهن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. صدر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پهرين گهرواريءَ ش??رين امير ب??گم مرحومه جي قبر تي پڻ حاضري ڀري ۽ قبر تي گلن جي چادر چاڙهي. بعد ۾ هن شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد مير شاهنوا?? ڀٽو جي قبرن تي پڻ حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي. وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ صدر سان گڏ هو.