اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور ايئرپورٽس جي آئوٽ سورسنگ بابت اسٽيئرنگ ڪميٽ?? جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير، قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وزير (ٽيليفون تي) شرڪت ڪئي. هوابازي واري وزارت پاران جاري پڌرائ?? موجب ان کانسواءِ هوابازي واري وزارت ۽ قانون ڊويزن واري ڊويزن جي سيڪريٽريز، هوابازي، پرڏيهي معاملن واري، ناڻي واري وزارت جي سينيئر سرڪاري عملدارن ۽ ڪنٽري ڊائريڪٽر انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن (آءِ ايف سي) پڻ شرڪت ڪئي. ڪنٽري ڊائريڪٽر آءِ ايف سي هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ جي منصوبي تي هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائ?? جو ذڪر ڪيو ۽ ڪميٽي کي ٻڌايو ته امڪاني سيڙپڪارن سان مسلسل رابطي جي ڪيترين ??ي ڪوششن جا مثبت نتيجا برآمد ٿيا آهن ۽ نئين ??ياسي حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لا??ِ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي. ان مقصد تحت قطر، گڏيل عربا مارات، جرمني، ترڪيه، نيدرلينڊ، ملائيشيا ۽ مقامي ڪمپنين ??ي عالمي واڪ ڏيندڙن واڪ جمع ڪرائڻ جي مدي ۾ توسيع جي درخواست ڪئي آهي. پرڏيهي وزير ان اهم منصوبي جا ڪامياب نتيجا حاصل ڪرڻ جي لا??ِ اقتصادي سفارتڪاري ۽ تيز رفتار عمل جي ذريعي مصروف سيڙپڪارن کي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي آهي. دلچسپي رکندڙ واڪ ڏيندڙن جي درخواستن تي غور ڪندي ۽ آءِ ايف سي جي ڀرپور سفارش جي بنياد تي ڪميٽي واڪ جمع ڪرائڻ جي تاريخ کي 60 ڏينهن جي لا??ِ وڌائي 15 مئي 2024ع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي وزير کي يورپ ۽ برطانيا جي لا??ِ پي آءِ اي جي اڏامن جي بحالي جي حوالي سان هيستائين ??ي اڳڀرائي تي وڌيڪ بريفنگ ڏني وئي ۽ ان اڳڀرائ?? جو نوٽيس وٺندي هن اقتصادي سفارتڪاري جي نئين ??ختيار ڪيل حڪمت عملي ۽ برطانيا ۽ يورپي يونين ۾ رهندڙ پاڪستانين ??ميت وسيع تر عوامي مفاد ۾ پرڏيهي آفيس پاران مڪمل سفارتي تعاون جي خاطري ڪرائي.