اسلام آباد – 26 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم دنيا کي خصوصي ماڻهن جي شاندار صلاحيتن کان متعارف ڪ??ايو آهي، ان جي ڀرپور حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چي?? ته قومي بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم عالمي س??ح تي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي ۽ ٽورنامينٽس ۾ شرڪت ڪري اکين کان محروم ڪرڪيٽرز جي حوصلا افزائي ڪئي آهي. هن چي?? ته پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم دنيا کي خصوصي ماڻهن جي شاندار صلاحيتن کان متعارف ڪ??ايو، تازن سالن ۾ پاڪستان ۾ بلائنڊ ڪرڪيٽ خصوصي ڌيان ۽ سڃاڻپ حاصل ڪئي آهي. صدر چي?? ته پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جو ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي مقابلن جي فروغ ۽ انعقاد جي لاءِ سرگرم هجڻ خوش آئنده آهي، بلائنٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀرپور حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. هن چي?? ته بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي جدوجهد ۽ ڪاميابين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڪرڪيٽرز جي متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي کي ساراهڻ گهرجي. ان موقعي تي ٽيم مئنيجمينٽ صدر کي ٽيم جي تازي ڪارڪردگي بابت بريف ڪيو. پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ميمبرن حوصلا افزائي تي صدر ۽ خاتون اول جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ خاتون اول ثمينه عارف علوي پڻ موجود هئي.