اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري ??اهيره شاهد 2024ع جي چونڊن جي حوالي سان آگاهي فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته ملڪ چونڊن طرف وڌي رهيو آه??، ماڻهن کي ملڪ جي حالتن بابت معلومات فراهم ڪرڻ انتهائي ضروري ??هي. اها ڳالهه هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ مقامي هوٽل ۾ ”اليڪشن 2024ع: سياسي پارٽين جي اقتصادي سڌارن جي ايجنڊا“ جي موضوع تي ٿيندڙ سيمينار ??ي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري چيو ته پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي سدائين کان ڪوشش رهي آه?? ته اها اهڙا پليٽ فارم مهيا ڪري ??تي ملڪ جي مستقبل جي حوالي سان بحث ٿي سگهن. هن چيو ته چونڊن جي حوالي سان سڀني کي آگاهي فراهم ڪرڻ گهرجي ته ايندڙ چونڊن ۾ حڪومت کي ڪهڙيون مشڪلاتون ۽ چئلينجز درپيش هوندا ۽ اهي ڪهڙي طرح انهن مسئلن ۽ چئلينجن کي منهن ڏئي سگهندي. هن چيو ته اسان وٽ نيشنل براڊ ڪاسٽرز ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو پورو اسپيڪٽرم موجود آه?? جتي ملڪي مسئلن ۽ چئلينجن تي تفصيلي بحث ٿي سگهي ٿو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري چيو ته ميڊيا معلومات جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ??هيو آه??. اڄ جي سيمينار جو مقصد به اهو ئي هو ته چونڊن جي حوالي سان سيمينار جي ذريعي ملڪي مسئلن کي اجاگر ڪيو وڃي. هن چيو ته سيمينار منعقد ڪرڻ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي بهترين ڪوشش آه??.