اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ باجوڙ ۾ پوليو ٽيم جي حفاظت تي مقرر پوليس اهلڪارن تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته پوري قوم سي??يو??ٽي اهلڪارن ۽ پوليو ورڪرز کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم دهشتگرد حملي ?? شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي درجن جي بلندي لاءِ دع?? ڪئي ۽ انهن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم حملي ?? زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي جي پڻ دع?? ڪئي ۽ کين هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته پوري قوم سي??يو??ٽي اهلڪارن ۽ پوليو ورڪرز کي سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته دهشتگرد ڪڏهن به پنهنجي ڪڌي مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿيندا. نگران وزيراعظم چيو ته ملڪ مان پوليو وائرس جي مڪمل خاتمي ت??ئين پوليو جي خاتمي واري مهم ڀرپور طريقي سان جاري رهندي، عوام پوليو ويڪسين جي حوالي سان ڪنهن به منفي پروپئگنڊه جي دوکي ۾ نه اچي. هن چيو ته الزهره يونيورسٽي ۽ سڄي دنيا جا عالم پوليو جي خاتمي جي پروگرام جي توثيق ڪري چڪا آهن.