راولپنڊي-29 ڊسمبر (اي پي پي) دفاع واري نگران وفاقي وزير ليف??ين??ٽ جنرل (ر) انور علي جي صدارت هيٺ آزاد ڄمون ڪشمير تي بين الوزارتي ڪميٽي جو پهريون اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ آزاد ڄمون ڪشمير جو وزيراعظم چوڌري انوار الحق، آبي وسيلن وارو وزير احمد عرفان اسلم ۽ لاڳاپيل وفاقي وز??رتن جا آفيسر به گڏجاڻي ۾ شامل هئا. اجلاس ۾ وفاقي حڪومت ۽ لاڳاپيل وز??رتن/ڊويزنن جي مشاورت سان آزاد ڄمون ڪشمير حڪومت بابت معاملا بحث هيٺ آيا. سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ آزاد ڪشمير جي وزير، آزاد ڪشمير جي توانائي ۽ آبي وسيلن واري وزي?? ۽ ??انون ۽ پارلياماني معاملن واري وزير، آزاد ڄمون ڪشمير جي چيف سيڪريٽري شرڪت ڪئي.