ڪراچي – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته عوام کي صحت جي ??عياري ۽ بهتر خدمتن جي ??راهمي حڪومت جي آئيني ذميواري آهي، مستقبل ۾ ترقي جو دارومدار ٽيڪنالاجي جي استعمال ??ي آهي، تحقيق جو فروغ هر حڪومت جي ترجيح هجڻ گهرجي، استاد ٿيڻ پئي چاهيو پر ائين نه ٿي سگهيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هيلٿ ٽيڪ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته معياري ۽ صحت جي بهتر خدمتن تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي آئيني ذميواري آهي. اسان شهرين کي صحت جي برابر سهولتن جي ??راهمي جي ??اءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ان ۾ سرنديءَ وارن ۽ نجي شعبي جي ڪردار کي ساراهيون ٿا. آغا خان يونيورسٽي جو تعليم، تحقيق ۽ صحت جي سهولتن جي ??راهمي ۾ اهم ڪردار آهي ۽ هاڻي آرٽس ۽ سائنس جي شعبي ۾ پڻ يونيورسٽي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. آغا خان يونيورسٽي پاڪستان جي ??اءِ هڪ قومي اثاثو آهي، تحقيق ۽ ٻين شعبن جي ڪري آغا خان يونيورسٽي جو شمار دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ ٿئي ٿو ۽ ان مان ان ڳالهه جي عڪاسي ٿئي ٿي ته پاڪستان عالمي سطح تي اعليٰ تعليم ۽ علم جي ??روغ جي ??اءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هر ضرورت جي ??وقعي تي آغا خان يونيورسٽي پنهنجون ذميواريون بهتر طريقي سان نڀايون آهن. ڪورونا دوران مريضن کي علاج جون سهولتون مهيا ڪيون ۽ ڪوويڊ ??ي مريضن جي سارسنڀال جي ??اءِ هزارين ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي تربيت کي يقيني بڻايو. ٻوڏ دوران پڻ آغا خان يونيورسٽي متاثر علائقن ۾ هزارين هيلٿ ڪلينڪس قائم ڪيون جن جي ذريعي لکين ماڻهن کي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون ويون. آغا خان يونيورسٽي تعليمي ميدان ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. آغا خان يونيورسٽي پرنس آغا خان جي ??يزن ۽ فهم ۽ فراصت جو مظهر آهي. نگران وزيراعظم وڌيڪ چيو ته صحت جي شعبي ۾ ڊيجيٽلائيزيشن هڪ بهترين ذريعو آهي، جديد ٽيڪنالاجي سان مرض بابت اڳواٽ معلومات حاصل ڪري سگهجي ??ي، ٽيڪنالاجي صحت سميت هر شعبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. نگران وزيراعظم چيو ته اسان مرض جي تدارڪ ۽ تشخيص جي ??اءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ??روغ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ٽيڪنالاجي جي ذريعي سمورن شهرين کي علاج جي سهولتن جي ??راهمي جي خواب کي پورو ڪيو ويندو، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته مستقبل ۾ ترقي جو دارومدار ٽيڪنالاجي تي آهي، رڳو صحت جي شعبي تائين ئي نه هر شعبي ۾ اڳتي وڌڻ جي ??اءِ ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سندس خواب رهيو آهي ته هو هڪ استاد بڻجي ??ر ائين نه ٿي سگهيو.