اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان سدائين کان فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جو حامي آهي، ايوان صدر مان فلسطي?? بابت جاري ٿيندڙ صدر جي بيان تي پرڏيهي وزارت پارا?? وضاحت ڪئي وئي هئي. سينيٽ جي اجلاس ۾ صدر جي فلسطين جي صدر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ايوان صدر پارا?? جاري ٿيندڙ بيا?? بابت سينيٽر ميان رضا رباني جي اعتراض واري نقطي جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير جليل عباسي جيلاني چيو ته ايوان صدر مان صدر جو جيڪو بيا?? جاري ڪيو ويو ان ۾ پرڏيهي وزارت کان ڪا راءِ نه ورتي وئي هُئي، صدر هڪ رياستي حل جي ڪهڙي تناظر ۾ ڳالهه ڪئي ان جي مون کي خبر نه آهي، ڇو ته پاڪستان جو سدائين ٻه رياستي حل جو موقف رهيو آهي جنهن جو بنياد 1967ع جي سرحد، گڏيل قومن جي قرارداد 242 ۽ او آءِ سي جُون قراردادون آهن. جڏهن صدر جو بيا?? جاري ٿيو ته اسان کي به هڪ وضاحت جاري ڪرڻي پئي ۽ اها وضاحت اسان او آءِ سي سيڪريٽريٽ ۽ گڏيل قومن سميت لاڳاپيل ادارن کي پڻ موڪلي، ا?? وضاحت کي نه رڳو ملڪي پر غ??رملڪي ميڊيا ۾ پڻ اجاگر ڪيو ويو.