راولپنڊي-27 نومبر (اي پي پي)خيبر پختونخوا جي علائقي بنون ويجهو بڪاخيل ۾ سي??يو??ٽي قافلي تي آپگهاتي حملي ۾ 2 ڄڻا شهيد ۽ 3 اهلڪارن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. آپگهاتي حملو ڪندڙ جي سڃاڻپ افغان شهريءَ طور ٿي، جنهن جو تعلق ڪالعدم ٽي ٽي پي جي حافظ گل بهادر گروپ سان آهي. آءِ ايس پي آر مطابق بڪاخيل ۾ موٽر سائيڪل تي سوار آپگهاتي حملو ڪندڙ سي??يو??ٽي فورسز جي قافلي تي حملو ڪندي پاڻ کي ڌما??يد??ر مادي سان اُڏائي ڇڏيو. آپگهاتي حملي ۾ 2 معصوم شهري شهيد ٿي ويا ۽ 3 فوجي اهلڪارن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر مطابق علائقي ۾ امڪاني طور تي موجود ڪنهن ??ئي دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن جاري آهي. پاڪستاني سي??يو??ٽي فورسز دهشتگرديءَ جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي.