اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) پ??ڪس??ان ۽ جمهوريه ڪوريا اڄ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 40 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. ان موقعي تي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ جمهوريه ڪوريا جي پرڏيهي وزير پارڪ جن سفارتي ذريعن تان مبارڪباد جي پيغامن جي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پ??ڪس??ان ۽ جمهوريه ڪوريا جي وچ ۾ لاڳاپا خصوصيت سان گرمجوشي سان نمايان آهن جيڪي مختلف شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي نمايان ڪن ٿا. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ جمهوريه ڪوريا جي پرڏيهي وزير پارڪ جن پ??ڪس??ان ۽ ڪوريا جي لاڳاپن جي ڀرپور تاريخ، سماجي ۽ ثقافتي لاڳاپن، ترقي ۽ اق??صادي تعاون ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي تعاون جو جائزو ورتو جيڪي ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ دوستي جي پل جو ڪم ڪن ٿا. پرڏيهي وزيرن مستقبل ۾ تعاون جي مضبوط امڪانن تي زور ڏيندي سياسي، اق??صادي، ثقافتي ۽ عوام سان عوام جي رابطن س??يت سمورن شعبن ۾ تعاون کي تيز ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو.