ارومچي – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??يو آهي ته چين سان لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو سنگ بنياد ۽ علائقائي امن ۽ ترقي جو ضامن آهن، سنڪيانگ ۽ پاڪستان جي پاڙيسري علائقن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کان وٺي ثقافتي ۽ عوام سان عوام جي لاڳاپن تائين تعاون جي م??تلف شعبن ۾ رابط?? کي گهرو ڪر?? جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ارومچي ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي پولٽ بيورو جي م??ڪزي ميمبر ۽ سنڪيانگ ايغور خودمختيار علائقي جي پارٽي سيڪريٽري م??زنگروئي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي چين سان دوستي جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ن??ران وزيراعظم چيو ته چين سان لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو سنگ بنياد ۽ علائقائي امن ۽ ترقي جو ضامن آهن. بيجنگ ۾ صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪيانگ سان پنهنجي ملاقاتن جو ذڪر ڪندي ن??ران وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپ?? کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ چيني قيادت جي م??بوط ذاتي عزم کي ساراهيو. پاڪستان جي لاءِ سنڪيانگ جي اهميت جو ورجاءُ ڪندي ن??ران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??يو ته هي خطو پاڪستان سان جاگرافيائي، تاريخي ۽ ثقافتي ڳانڍاپي جي ڪري هڪ خاص اهميت رکي ٿو. هن سنڪيانگ ۽ پاڪستان جي پاڙيسري علائقن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کان وٺي ثقافتي ۽ عوام سان عوام جي رابطن تائين تعاون جي م??تلف شعبن ۾ رابط?? کي گهرو ڪر?? جي اهميت تي زور ڏنو. سنڪيانگ جو دورو ڪر?? تي ن??ران وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي پارٽي جي سيڪريٽري م??زنگروئي چيو ته ڪيترن ئي شعبن ۾ پاڪستان ۽ سنڪيانگ لاڳاپ?? کي گهرو ڪر?? جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. هن سنڪيانگ پاران پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ واپار جا موقعا ڳولڻ ۽ خنجراب – سوست بارڊر ڪراسنگ جي ذريعي واپاري ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپ?? کي وڌيڪ آسان بڻائڻ جي لاءِ راضپي جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين سنڪيانگ ۽ پاڪستان جي پاڙيسري علائقن جي وچ ۾ تعاون جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪر?? تي اتفاق ڪيو.