بيجنگ-19 آڪٽوبر (اي پي پي) چيني ??در شي جن پنگ چيو آهي ته چين ۽ روس وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ تعاون عملي تعاون جو نمونو آهي. چيني ??ابرو اداري موجب صدر شي جن پنگ پنجين چين روس انرجي بزنس فورم کي موڪليل پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته چين ۽ روس وچ ۾ توانائي تعاون برابري، گڏيل فائدي ۽ عملي تعاون جو نمونو آهي ۽ ان ٻنهي ملڪن ۽ ايستائين جو دنيا ۾ توانائي جي سلامتي ۽ پائيدار ترقي کي يقيني ??ڻائڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته مستقبل لاءِ چين اعليٰ معيار جي توانائي جي شراڪتداري قائم ڪرڻ ۽ عالمي توانائي مارڪيٽ جي ڊگهي مدي، صحتمند، مستحڪم ۽ پائيدار ترقي کي هٿي ڏيڻ ۽ عالمي شفاف توانائي شراڪتدا??ي جي تع??ير کي هٿي ڏيڻ لاءِ روس سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. روسي صدر والادي??ير پيوٽن به پنجين چين روس انرجي بزنس فورم کي مبارڪن وارو خط موڪليو آهي.