پشاور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هنگو د??شتگرد حملي ۾ دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندڙ خيبرپختونخواهه پوليس جي سپاهي عمر سعيد کي خر??ج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته اسان جي پوليس ملڪ دشمن عنصرن جي ڪڌي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم هنگو حملي دوران فائرنگ جو مقابلو ڪندڙ صوابي سان تعلق رکندڙ جوان کي بهادري تي شاباس ڏني. نگران وزيراعظم حوصلا افزائي طور عمر سعيد کي 5 لک جو انعام پڻ ڏنو. هن چيو ته عمر سعيد جهڙا بهادر جوان اسان جي قوم جي هڪ مضبوط ديوار وانگر حفاظت ڪري رهيا آهن. نگران وزيراع??م چيو ته اسان جي پوليس ملڪ دشمن عنصرن جي ڪڌي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهي، اسان جي پوليس مشڪل ترين حالتن ۾ به هر مو??عي تي ملڪ دشمن عنصرن جي خلاف شيهي جي ديوار جو ??م ڪيو.