باڪو – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) آذربائيجان اقتصادي تعاون تنظيم جي وزيرن جي ڪائونسل جي 27 هين اجلاس جي اڄ اڱاري ڏينهن ميزباني ڪندو، نگ??ان پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. اقتصادي تعاون تنظيم جي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس آذربائيجان جي شهر شوشا ۾ ٿيندو. آذربائيجان جو پرڏيهي وزير جيهون بيراموف ۽ پاڪستان سميت اي سي ا?? جي ميمبر ملڪن جا پرڏيهي وزير اجلاس ۾ شرڪ?? ڪندا. نگ??ان پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ا??تصادي تعاون تنظيم جي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 9 کا?? 10 آڪٽوبر تائين آذربائيجان جو سرڪاري دورو ڪندو. نگ??ان پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڪائونسل آف منسٽرز (سي ا?? ايم) کي خطاب ڪندو ۽ تقريب جي موقعي تي ميمبر ملڪن جي وزيرن ۽ ٻين اهم شخصيتن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. وزارتي ڪائونسل اي سي ا?? جي پاليسي سازي فورم طور ت?? تنظيم جي فيصلن ۽ سالياني ورڪ پلان جي منظوري ڏي ٿي. 27 هين سي ا?? ايم ۾ ميمبر ملڪ واپاري ۽ اقتصادي تعاون تنظيم ۽ سماجي، ثقافتي، فني ۽ سائنسي شعبن ۾ گڏيل تعاون جي ذريعي ا?? سي ا?? خطي جي پائيدار اقتصادي ترقي جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. هن سال جي تقريب جو موضوع ”گرين ٽرانزيشن ۽ انٽر ڪنيڪٽيويٽي“ هوندو.