اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ٻارن جي حقن جي پائمالي ڪندڙ ڏوهارين جي خلاف باقاعده قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن کي جلد کان جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران ??ار?? بيان ??وجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن جي چيئرپرسن اڳوڻي سينيٽر عائشه رضا فا??وق سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڪالهه اڱاري ڏينهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عائشه رضا فا??وق انوارالحق ڪاڪ?? کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڳوڻي سينيٽر ۽ ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن جي چيئرپرسن عائشه رضا فا??وق جي قيادت ۾ ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن جي سهولت لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جو عزم ڪيو. ان ??وقعي تي عائشه رضا فا??وق وزيراعظم کي م??ڪ ۾ ٻارن سان زيادتي ۽ چائلڊ ليبر جي م??جوده صورتحال بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻارن جي حقن جي پائمالي ڪندڙ ڏوهارين جي خلاف باقاعده قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن کي جلد کان جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. ملڪ ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ موثر قانونسازي ڪئي ويندي.