اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي معاونين ۽ عملي خاص طور تي پنهنجي ميڊيا ٽيم جي خدمتن کي ساراهيو. وزيراعظم هائوس ۾ وفاقي سيڪريٽريز ۽ سرڪاري آفيسرن سان الوداعي ملاقات جي موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم پنهنجي خاص معاونين جهانزيب خان ۽ احد چيما جو خاص طور تي ذڪر ڪيو ۽ چيو ته انهن وڏي محنت سان ڪم ڪيو ?? منهنجي مدد ڪئي. خاص معاون طارق فاطمي جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته هن ان بزرگي ۾ به منهنجو تمام گهڻو ساٿ ڏنو. پريس سيڪريٽري عبدالاڪبر جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته هو انتهائي شريف النفس آفيسر آهي، پنهنجي ڪم سان ڪم رکي ٿو ۽ انتهائي شاندار شخ??يت جو مالڪ آهي. هن پنهنجي تقرير ل??ندڙ ارشد ملڪ ۽ پي آر او عمر فاران کانسواءِ سرڪاري ميڊيا ٽيم جا پڻ ٿورا مڃيا ۽ انهن جي ??اء?? نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.