ڪراچي – 26 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف سان ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ متحده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ سنڌ جو گورنر ڪ??مران ٽيسوري، ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ مصطفيٰ ڪمال پڻ موجود هئا. ان موقع?? تي موجوده ملڪي سياسي صورتحال ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.