راولپنڊي-08 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي الزامن کي من گهڙ?? ۽ ??دنيتي تي ٻڌل قرار ڏيند?? چيو آهي ته ادارو ڪو??، غلط بيانن ۽ پروپيگنڊا خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين بنا ثبوتن جي انتهائي بي بنياد الزام لڳايا آهن، حاضر سروس فوجي آفيسرن تي بنا ثبوتن جي الزام انتهائي غيرذميوارڻا ۽ بي بنياد آهن، گذريل هڪ سال کان فوجي ۽ انٽيلي جنس اهلڪارن کي چڙ ڏياريندڙ ۽ سنسني خيز پروپيگنڊا ذريعي سياسي مقصدن لاءِ نشانو بڻايو پيو وڃي، لاڳاپيل اڳواڻن کي چئون ٿا ته هو ڪو??ا الزام لڳائڻ بند ڪن ۽ قانوني رستي جو سهارو وٺن. ادارو واضح طور تي ڪو??ن، غلط بيانن ۽ پروپيگنڊا خلاف قانوني ڪارروائي جو حق محفوظ رکي ٿو.