اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وفاقي حڪومت معاشري جي سمورن طبقن خاص طور تي محروم طبقن سان تعلق رکندڙ ٻارن کي تعليم جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ ۽ اها سهولت انهن جي درن تائين پهچائڻ جي لاءِ پنهنجي پهرين سال ۾ تعليمي ش??بي ۾ ٽيڪنالاجي ۽ جدت رکندڙ منصوبا متعارف ڪرائڻ جي لاءِ اهم قدم کنيا آه??. وزيراعظم شهباز شريف مشڪل معاشي حالتن ۾ تعليمي لاڳت ۾ اضافي جي ڏس ۾ هن سال جي ش??وع ۾ ٻه جديد منصوبن ”اسڪولز آن ويلز“ ۽ ”پاڪس??ان ٽيلي اسڪول ايپ“ جي قيادت ڪئي. هن فيبروري ۾ پهرين مرحلي ۾ 8 بسن تي ٻڌل موبائيل اسڪولن جو منصوبو شروع ڪيو جيڪو اسلام آباد ۽ ڀرپاسي علائقن جي ٻارن کي پرائمري سطح جي تعليم فراهم ڪري رهيا آه??. گادي واري شهر جي مختلف جاين تي بيٺل اهي بسون ڪمپيوٽر، ڊيسڪ، وائٽ بورڊز، ايل سي ڊيز سان ليس آه?? جيڪي استادن ۽ شاگردن کي مشغول ڪرڻ ۽ سيکارڻ جو ماحول فراهم ڪن ٿيون. وزيراعظم افتتاحي تقريب ۾ ٻارن کي قوم جي مستقبل جا معمار قرار ڏيندي ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت نوجوان نسل کي وڌ کان وڌ تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪندي رهندي. حڪومت پاران موبائيل اسڪولن جو منصوبو خاص طور تي ڳوٺاڻن علائقن ۾ خواندگي جي ش??ح کي وڌائڻ جي لاءِ سخت ۽ مسلسل ڪوششن جو حصو آه??. اڳئين مرحلي ۾ بسن جو انگ وڌائڻ ۽ ان منصوبي کي آزاد ڪشمير سميت ملڪ جي ٻين حصن تائين واڌ ڏيڻ جو منصوبو آه??. ان منصوبي سان نظرانداز ٿيل ۽ محروم ڪميونٽيز جي ٻارن کي پڙهيل لکيل ۽ وڌيڪ تعيلم ۽ ٽيڪنيڪي مهارت حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائڻ ۾ مدد ملندي. يونيسيف موجب پاڪس??ان ۾ 5 کان 16 سال جي عمر جا اٽڪل 22.8 ملين ٻار اسڪول نه وڃي رهيا آه?? جيڪي ان عمر جي گروپ جي ڪل آبادي جو 44 سيڪڙو آه?? ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي نئين مهارتن جي ذريعي انهن تائين تعليم کي پهچ جوڳو بڻائڻ جي سخت ضرورت آه??. وزيراعظم شهباز شريف ٻارن جي گهرن تائين تعليم پهچائڻ جي لاءِ مارچ ۾ وفاقي تعليم واري وزارت پاران تيار ڪيل پاڪس??ان ٽيلي اسڪول ايپ جي ش??وعات ڪئي ۽ ان جا حوصلي جوڳا نتيجا نڪتا آه??. رڳو هڪ هفتي ۾ ايپلي ڪيشن کي 10000 ڀيرا ڊائون لوڊ ڪيو ويو، 5500 جي داخلا ڪئي وئي ۽ 310 شهرن ۾ 17000 وڊيوز ڏٺيون ويون. ان منصوبي جو مقصد پهرين ڪلاس کان ٻارهين ڪلاس تائين جي ش??گردن کي آن لائين تعليم فراهم ڪرڻ آه??. ٻارن کي تعليم ڏيڻ جو هڪ ٻيو قدم کڻندي حڪومت 30 جون تائين اسلام آباد گادي واري شهر جي علائقي ۾ اسڪول کان ٻاهر 70000 ٻارن کي اسڪولن ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آه??. ياد رهي ته شهباز شريف بطور پنجاب جي وڏي وزير پنهنجي دور ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ جي اسڪم کي ڪاميابي سان عملي جامعو پارايو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم تعليمي ادارن ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ 100000 ليپ ٽاپ ورهائڻ جو منصوبو ٺاهيو آه?? ڇو ته هو ان ڳالهه تي پڪو يقين رکي ٿو ته نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جون جديد مهارتون ڏيڻ سکڻ جو رستو آه??. گذريل سال گرمي جي موسم ۾ پاڪس??ان ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري ايندڙ غيرمعمولي ٻوڏ تباهي مچائي وئي ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا هئا. ٻوڏ بلوچس??ان ۾ اسڪولن سميت اهم انفراسٽرڪچر کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ اسڪولن کي ٻيهر کولڻ ??ي فوري ضرورت کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم رهنمائي فراهم ڪئي ۽ جنوري ۾ بلوچس??ان جي علائقي صحبت پور ۾ هڪ سمارٽ اسڪول جو افتتاح ڪيو. ٻن مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ ٺاهيل اهو اسڪول جديد ترين آءِ ٽي سهولتن سان ليس آه??. هن انهي علائقي ۾ ٻوڏ کان متاثر گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول ڪلي جيا خان جي نئين عمارت جو پڻ ٻيهر افتتاح ڪيو. وفاقي حڪومت جي انهن اهم قدمن سان خاص طور تي معاشري جي ڪمزور طبقن تائين تعليم جي آسان ۽ بهتر پهچ کي يقيني بڻايو پيو وڃي.