اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ??هي ته عمران خان پنهنجي ڪارڪنن ۽ پارٽي ??ڳواڻن جا دل ۽ ذهن نفرت جي ز??ر سان ڀري 9 مئي سانحو ڪرايو، هاڻي ڪوڙ ڳالهائي رهيو ??هي ته هو ان جو ذميوار نه آهي، هي اهو شخص ??هي جنهن آئين، قانون، صداقت ۽ امانت جي هر لڪير پار ڪئي. عمران خان جي انٽرويو تي ردعمل جو اظهار ڪندي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير عمران خان جي انٽرويو جي جملي ”مون کي جيل ۾ وجهندا ته ردعمل ته ٿيڻو هو“، ٻئي جملي ”اهو سڀ ڪجهه ورڪرن ۽ پارٽي ??ڳواڻن ڪيو آهي“ جو حوالو ڏيندي چيو ته اهو انٽرويو نه آهي، ٻهروپيي ۽ ڪوڙي ڪردار جي شخصيت جو آئينو ۽ اصل چهرو آهي، اهو انهن سڀني جي لاءِ سبق ??هي جيڪي گمراهه جي گمراهي ۽ فريب جو شڪار ٿيا، هر غلط ڪم پاڻ ڪيو، هر ڀيري پڪڙجڻ تي الزام ٻين تي هنيو. وفاقي وزير چيو ته ???ون پيج“ کان ”آئون ته بي اختيار هئس“، ”آمريڪا منهنجي حڪومت ڪيرائي“ کان ”محسن نقوي منهنجي حڪومت ڪيرائي“ تائين جا ڪوڙ ڳالهائيندڙ شخص هاڻي 9 مئي جو ملبو پڻ آخرڪار پنهنجي ڪارڪنن ۽ پارٽي ??ڳواڻن تي وجهي ڇڏيو آهي. هن چيو ته جن فسادي جي ڀڙڪائڻ تي پاڪستان کي ساڙيو، قومي وقار ۽ شهيدن جي بي حرمتي ڪئي، اهو ئي ڪم هن فارن فنڊنگ جو ملبو پارٽي ??ڳواڻن تي وجهي ڪيو. عمران خان هڪ ڪروڙ نوڪريون، 50 لک گهر، سائفر، تاريخي ڪرپشن جو ملبو ٻين تي وڌو، هي اهو شخص ??هي جنهن آئين، قانون، صداقت ۽ امانت جي هر لڪير پار ڪئي. وفاقي وزير چيو ته عمران خان هڪ سال کان پنهنجي ڪارڪنن ۽ پارٽي ??ڳواڻن جا دل ۽ ذهن نفرت جي ز??ر سان ڀريا ۽ 9 مئي سانحو ڪرايو، هاڻي ڪوڙ ڳالهائي رهيو ??هي ته آئون ذميوار نه آهيان. اميد ??هي ته عشق عمراني ۾ سڙندڙ پروانن ۽ ديوانن جي هاڻي تسلي ٿي وئي هوندي. هي محسن ڪشي ??هي جنهن تي سڀ ماڻهو ڇڏي وڃي رهيا آهن.