اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ بلغاريه جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو پنجون دور صوفيه ۾ منعقد ٿيو، پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) محمد سليم ڪئي جڏهن ته بلغاريه جي پرڏيه?? وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل (ٻطرفا لاڳاپا) پيٽر ڪريچيف پنهنجي ملڪ جي وفد جي سربراهي ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن ۽ ذريعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن سياسي، اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم، زراعت، آ??ِ سي ٽي ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين پاڪستان بلغاريه بين ??لحڪومتي ڪميشن جو اجلاس جلد گهرائڻ جي اهميت ۽ ٻنهي ملڪن جي نجي شعبن جي وچ ۾ فعال رابطن تي اتفاق ڪيو. بلغاريه ۾ افراد?? قوت جي موجوده کوٽ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستاني افراد?? قوت کي وڌائڻ جي امڪانن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستاني وفد بلغاريه جا ??ورپي يونين ??ان پاڪستان جي فعال رابطن خاص طور تي جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي ڏس ۾ معاون ڪردار ادا ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. امن ۽ سلامتي، دهشتگردي جي خاتمي ۽ موسمياتي تبديلي سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين گهڻ رخي پليٽ فارمز خاص طور تي گڏيل قومن ۾ ويجهي تعاون کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجي گهري دلچسپي تي پڻ زور ڏنو.