اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان پاڪستان جي تشخص کي پائمال ڪرڻ چاهي ٿو، سندس گرفتاري سان حڪومت جو ڪو تعلق نه آهي، نه ئي ان جي گرفتاري جو چونڊن ۾ دير سان ڪو تعلق آهي. عالمي نشرياتي اداري ”اسڪائي نيوز“ سان ڳالهائيندي اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته عمران خان قانون سان تعاون ڪرڻ بدران مسلسل قانون شڪني ڪري رهيو آهي، پوليس ??ڳو عدالتي حڪمن تي عملدرآمد ڪري رهي آهي، ان تي ڪرپشن جا ڪيس آهن ۽ ان کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻو آهي. هن چيو ته پوليس وٽ ڪنهن به قسم جو ڪو اسلحو نه آهي، پوليس عدالتي حڪمن تي عملدرآمد ڪرڻ جي لاءِ زمان پارڪ ۾ موجود آهي جتي پوليس تي بمن سان مسلسل حملا ٿي رهيا آهن. هن وقت تائين ڊي آءِ جي آپريشنز لاهور سميت 65 پوليس اهلڪار زخمي ٿي چڪا آهن. هن چيو ته عدالت پاران جاري ??ارنٽ گرفتاري تي پوليس اسلحي کانسواءِ عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ زمان پارڪ ۾ موجود آهي، عمران خان کي ذميواري کان ڪم وٺڻ گهرجي. هن چيو ته عمران خان مسلسل ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، عمران خان چوي ٿو ته کيس سيڪيورٽي خطرا آهن ۽ انهي لمحي چوي ٿو ته هو سياسي جلسو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، ج??هن عدالت کيس ڪيسن ۾ پيش ٿيڻ جو چوي ٿي ته عمران خان سيڪيورٽي خطرن جو بهانو بڻائي ٿو. هن چيو ته عمران خان پاڪستان ۾ گهرو ويڙهه، سول وار ۽ افراتفري چاهي ٿو، هو ماڻهن کي تشدد جي لاءِ ڀڙڪائي رهيو آهي، پوليس ج??هن عمران خان کي گرفتار ڪرڻ اچي ٿي ته هو عورتن ۽ ٻارن کي پوليس آڏو بيهاري ڇڏي ٿو. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته پاڪستان جي موجوده خراب معاشي صورتحال جو ذميوار عمران خان آهي، عمران خان ملڪ کي ڊيفالٽ جي ويجهو پهچايو، عمران خان مارچ 2022ع ۾ پنهنجي صحيح ڪيل آءِ ايم ايف پروگرام جي خلاف ورزي ڪئي. هن چيو ته عمران خان جا گرفتاري ??ارنٽ ان جي خلاف ڪرپشن جي ڪيسن ۾ جاري ??يا آهن، عمران خان پنهنجي چار سالن ۾ پنهنجي سياسي مخالفن تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا، انهن کي جيلن ۾ وڌو، هو ج??هن وزيراعظم هو ته پنهنجي سياسي مخالفن جا گرفتاري ??ارنٽ پاڻ جاري ڪرائيندو هو، هُن پاڪستان جي تشخص کي پائمال ڪرڻ چاهيو ٿي، عمران خان وزارت عظميٰ جي عهدي تي ويهي ميڊيا سان پڻ اڻوڻندڙ سلوڪ ڪيو.