اسلام آباد – 16 – فيبروري (??ي پي پي) پرڏيهي آف??س جي ترجمان چيو آهي ته 6 فيبروري تي ايندڙ شديد زلزلي جي ڏس ۾ ترڪ عوام سان يڪجهتي ۽ حمايت جي خصوصي اظهار جي ??اءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف 16 ۽ 17 فيبروري ي ترڪيه جو دورو ڪندو. پرڏيهي آف??س جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته انقره ۾ پنهنجي ??يام دوران وزيراعظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪندو ۽ زلزلي سان قيمتي جانين جي زيان ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ نقصان تي پوري پاڪستاني قوم پاران ذاتي طور تي دلي تعزيت جو اظهار ڪندو. ترجمان موجب وزيراعظم مشڪل جي ??ن گهڙيءَ ۾ ترڪ عوام سان گڏ ??يٺل هجڻ ۽ جاري امدادي ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون جاري رکڻ جي ??اڪستان جي ??ڪي عزم کي ورجائيندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم ڏکڻ ترڪيه ۾ زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو ۽ علائقي ۾ مقرر پاڪستاني سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمن سان گڏوگڏ ??لزلي ۾ بچي وي??دڙ?? سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. پرڏيهي آف??س جي ترجمان موجب وزيراعظم ڏکڻ ترڪيه ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي جي ڏس ۾ 6 فيبروري تي ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان ڳالهه ٻولهه ڪري انهن کي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن جي ??اءِ هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي هئي. بيان موجب ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن جي ??دد لاءِ سمورن دستياب وسيلن کي مڪمل طور تي متحرڪ ڪيو ويو آهي ۽ وزيراعظم ذاتي طور تي امدادي سرگرمين جي ??گراني ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۽ ترڪيه جي ??چ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ هر آزمائش ۽ مصيبت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ ??يٺل رهيا آهن.