اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته تعليم جي ذريعي ئي پاڪستان قومي ترقي کي يقيني بڻائي ??گه?? ٿو ۽ غربت، بيروزگاري، عدم برداشت ۽ انتهاپسندي جو خاتمو ڪري ??گه?? ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب 24 هين ايف سي ايس ڪانووڪيشن جي تقريب نيشنل ڊفينس يونيورسٽي (اين ڊي يو) اسلام آباد ۾ ٿي. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خاص مهمان هو. تقريب ۾ 4 پي ايڇ ڊي، 48 ايم فل ۽ 208 بي ايس گريجوئيٽس کي ڊگريون ڏنيون ويون. پهرين ۽ ٻي پوزيشن حاصل ڪندڙن کي ميڊلز ۽ امتيازي سندون پڻ ڏنيون ويون. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي فارغ ٿ??ند?? شاگردن کي انهن جي تعليمي ڪيريئر ۾ هڪ اهم سنگ ميل کي مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چ??و ته تعليم جي ذريعي ئي پاڪستان قومي ترقي کي يقيني بنائي ??گه?? ٿو ۽ غربت، بيروزگاري، عدم برداشت ۽ انتهاپسندي جو خاتمو ڪري ??گه?? ٿو. آخر ۾ هن سمورن فارغ ٿ??ند?? شاگردن، انهن جي والدين ۽ گهرڀاتين کي پنهنجي تعليم کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ تي دلي مبارڪباد ڏ??ي. ??ين ڊي يو جي صدر ليفٽيننٽ جنرل نعمان محمود تقريب کي خطاب ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪنهن به قوم جو ڪردار ان جي تعليمي ادارن ۾ جڙي ٿو. هن چ??و ته تعليمي ۽ تحقيق ۾ اعليٰ معيار حاصل ڪرڻ جي لاءِ اين ڊي يو پنهنجي شاگردن کي علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ سازگار ماحول ۽ لاڳاپيل سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. هن چ??و ته اين ڊي يو گريجوئيٽس کي پيشيواراڻي ڪيريئر ۾ ڪردار ۽ عزم جو مظاهرو ڪرڻ جي لاءِ تيار ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي جنهن جا شاندار نتيجا آيا آهن. ان کان اڳ اين ڊي يو جي صدر ليفٽيننٽ جنرل نعمان محمود تقريب ۾ خاص مهمان، معززين، استادن، والدين ۽ شاگردن جو استقبال ڪيو.