اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته غلط ۽ جعلي خبرن جي عمر مختصر هوندي آهي، پنهنجي موقف جي تصديق تي الله جي آڏو ڪنڌ جهڪايان ٿو، ٽن سالن تائين عمران خان م??هنجي ڪردارڪشيءَ ڪئي هر حد پار ڪئي، بي بنياد الزامن سان م??هنجو ۽ منهنجي خاندان جو مذاق اڏايو ويو، فتح سچائي جي ٿيندي آهي. ڊيلي ميل پاران غلط خبر ڇاپڻ تي معذرت تي پنهنجي ٽوئ??ٽ ۾ وزيراعظم چيو ته عمران خان ۽ ان جي حوارين مسلسل ٽي سال منهنجي ڪردارڪشيءَ جي هر حد پار ڪئي، انهن کي ان م??م دوران اهو خيال به نه آيو ته ان جي ان ڪڌي مهم سان م??ڪ جي ساک کي نقصان پهچند?? ۽ ??ن جا دوست ملڪن سان لاڳاپا متاثر ٿيندا. وزيراعظم چيو ته مون تي ۽ منهنجي خاندان تي بي بنياد الزام هنيا ويا پر مون کي الله تعاليٰ جي ذات تي پورو ڀروسو آهي رڳو اهو ئي ان جو ڪوڙ بي نقاب ڪري سگهي ٿو. غلط ۽ جعلي خبرن جي عمر مختصر هوندي آهي فتح سدائين سچائي جي ٿيندي آهي ۽ ڊيلي ميل جي خبر ا??و ثابت ڪيو آهي.