اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي ته آبادگار پئڪيج تي عملدرآمد تيزي سان جاري آهي، ٻوڏ متاثر آبادگارن جي سهولت ۽ مدد جي لاءِ حڪومت هر ق??م جا قدم کڻ?? رهي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هن زرعي جنسن جي سمورن ڪارگوز جي 50 سيڪڙو حصي جي لاءِ گوادر پورٽ جي استعمال ??ي هدايت جاري ڪر?? ڇڏي آهي. بلوچستان جي ترقي لاءِ گوادر بندرگاهه جو مڪمل فعال ٿيڻ انتهائي ضروري آهي.