اسلام آباد– 18 – نومبر (اي پي پي) بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، سمورن ملڪن سان ??ضبوط لاڳاپن سان عوام ۽ ملڪ جي بهتري جي لاءِ ڪم ڪري سگهون ٿا، اسان جو ڌيان ??اڪستان جي مفاد کي مٿانهون رکڻ آهي، گذريل 5، 6 مهينن جي پرڏيهي پاليسين سان ??لڪ کي فائدو ٿيو آهي، پاڪستان آمريڪا سان برابري جي بنياد تي لاڳاپا چاهي ٿو، آمريڪا سان ??عاشي ۽ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا، ماضي جي غلطين مان سبق سکي اڳتي وڌڻو پوندو، متفقه طور تي دهشتگردي جي خلاف جنگ جي حڪمت عملي ٺاهي ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آمريڪي سازش جي بيانيي تي عمران خان ??وٽرن وٺي ورتو آهي، عمران خان جي تازه ترين يوٽرن کي ڀليڪار چئون ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته عهدو سنڀاليو ته ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏيڻو پيو، پاڪ آمريڪا رابطن ۾ گهٽتائي جي ڪري ٻنهي ملڪن ۾ مسئلا جنم وٺن ٿا، پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا آهن، آمريڪا مختلف شعبن ۾ تعاون جي حوالي سان ??اڪستان جو حصيدار رهيو آهي، جڏهن پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ وڇوٽي پيدا ٿين ته ٻنهي ملڪن جي لاءِ مشڪلاتون پيدا ٿين ٿيون. هن چيو ته اسان جي بهترين پاليسين جي ڪري پاڪستان جي ??ور?? ۾ روانگي واپار ۾ 80 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو اجلاس پاڪستان جي لاءِ ڪامياب رهيو، شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) اجلاس ۾ پاڪستان ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ چيني منصب سان ڳالهه ٻولهه ٿي، دهشتگردي، معاشي ۽ سياسي معاملن تي چين جي پرڏيهي وزير سان ڳالهه ٻولهه ٿي، چيني پرڏيهي وزير ۽ ٻين عملدارن سان ??لاقات کانپوءِ اسان ??ثبت رخ ۾ وڃي رهيا آهيون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري ٿيندڙ نقصان جو ڪيس پوري دنيا آڏو رکيو، دنيا کي اپيل آهي ته اها ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪري. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ ميمبر ملڪن سان ??اڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي ره??، وچ ايشيائي ملڪن ۽ ترڪيه سان اسان جا لاڳاپا مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻوڏ جي ڪري ڪجهه ??ور??ي ملڪن جو دورو ملتوي ڪيو، آفريقي ملڪن سان گڏ پڻ ڪم ڪرڻ جي گنجائش آهي. هن چيو ته اسان ??رڏيهي پاليسي کي جهڙي طرح پيش ڪري رهيا آهيون ان جا مثبت اثر پيا، افغانستان جي حوالي سان ??اضي جي غلطين کي ورجائڻ نه گهرجي، افغانستان جي عبوري حڪومت دنيا سان ڪيل واعدا پورا ڪري ۽ عالمي برادري کي افغانستان انگيج ٿيڻ گهرجي، چاهيون ٿا ته افغانستان ۾ عورتن سميت ماڻهن کي حق ملن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته فيٽف ۾ پاڪستان ڪاميابي حاصل ڪئي، پاڪستان ??يٽف جي سموري ايڪشن پلان تي عمل ڪيو، جيڪي ملڪ پاڪستان کي گري لسٽ تان ??ٽائڻ جي مخالفت ڪندا هئا انهن ئي گري لسٽ مان ڪڍڻ تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير چيو ته ڪوشش ڪنداسين پاڪستان به فيٽف جو حصو بڻجي. پرڏيهي وزير چيو ته پسند ناپسند کان ??ٽي ڪري افغانستان سان انساني بنيادن تي لاڳاپا چاهيون ٿا. وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي دوري جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ا?? دوري دوران ??نهي ملڪن 17 معاهدن تي صحيحون ڪيون، هي دورو ان ??حاظ کان اهميت رکندڙ آهي ڇو ته اهو ڪنهن به اڳواڻ جو چين جو تازن ڏينهن ۾ پهريو?? دورو هو جيڪو پاڪ چي?? دوستي جو ثبوت آهي. هن چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير بلنڪن ۽ ٻين عملدارن سان ??و اين فوڊ سيڪ??ور??ي ڪانفرنس ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ملاقاتون ٿيون، آمريڪا سان ??اڪستان جا لاڳاپا مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن، آمريڪا ۽ ??ور??ي يونين جي ملڪن سان ??اڳاپن کي اڳتي وڌايو آهي، انهن ئي ملڪن پاڪستان کي فيٽف جي گري لسٽ مان ڪڍي وائيٽ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي حمايت ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جي ايس پي پلس جي حيثيت حاصل ڪئي هئي، ان جو پاڪستان جي عوام کي فائدو ٿيو آهي، جي ايس پي پلس سان ??اڪستاني عوام سان گڏوگڏ ??ور??ي يونين جي عوام ۽ ملڪن کي به فائدو ٿيو آهي، چاهيون ٿا ته ان کي توسيع ڏني وڃي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي امداد لاءِ اپيل ڪئي آهي، حڪومت ڪشمير مسئلي کي به عالمي سطح تي اجاگر ڪيو، پاڪستان جرمني جي پرڏيهي وزير جي ڪسمير بابت موقف جي آجيان ڪئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڀارت 2019ع ۾ ڪشمير جي حوالي سان غيرقانوني قدم کنيا جيڪي نه رڳو گڏيل قومن جي ڪشمير بابت قراردادن پر عالمي قانونن جي پڻ خلاف ورزي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ??نهنجي سمورن پاڙِسرين سان ??رامن لاڳاپن جو خواهشمند آه??، وزيراعظم شهباز شريف جي ايس سي او جي اجلاس جي موقعي تي روس جي صدر پيوٽن سان ??لاقات ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن ايران جو دورو ڪيو جنهن کانپوءِ اسلام آباد ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل ڪائونسل جو اجلاس 5 سالن کانپوءِ ٿيو. ايران – پاڪستان گئس پائيپ لائين جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان ??نصوبي سان ??نهي ملڪن جي عوام کي فائدو ٿيندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پرڏيهي وزير بڻجڻ کانپوءِ پهريون ٻطرفو چين جو دورو ڪيو، چيني پرڏيهي وزير سان ??لاقات ٿي ۽ هيستائين اهو سلسلو مثبت انداز ۾ هلي رهيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان جو فوڪس پاڪستان جي مفاد کي اڳتي رکڻ آهي، اسان ??رڏيهي پاليسي جي حوالي سان ??شڪل دور مان گذري آيا آهيون.