بيجنگ – 02 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بيجنگ جي عظيم عوامي هال ۾ چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ايم ايل ون کي شروعاتي هارويسٽ منصوبي جي طور تي شروع ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو ويو جڏهن ته چيني صدر پاڪستان جي لاءِ 50 ڪروڙ يوان جي اضافي امداد جو اعلان ڪيو، ملاقات ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال ۽ سي پيڪ جي افغانستان تائين توسيع تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيني ڪميونسٽ پارٽي جي 20 هين مرڪزي ڪميٽي جو ٻيهر جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ تي صدر شي جن پنگ کي مبارڪباد ڏني. هن ملڪ ۾ هولناڪ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جي ڏس ۾ پاڪستان جي امداد، بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ چين جي اڻٿڪ مدد تي پڻ ان جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين ٻطرفن لاڳاپن ۾ اڳڀر??ئي جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائ?? ۽ ??المي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي لاءِ پنهنجي وابستگي کي ورجايو جيڪا هر آزمائش ۾ پوري لٿي آهي. ٻنهي ملڪن امن، استحڪام، ترق?? ۽ ??وشحالي جي پنهنجي گڏيل ويزن کي عملي جامعو پارائڻ ۾ مضبوطي سان گڏ بيٺل آهن. چين سان پاڪستان جي منفرد تاريخي لاڳاپن ۽ علائق??ئي امن ۽ استحڪا م جي لاءِ ٻطرفي دوستي جي عزم کي ورجائيندي وزيراعظم شهباز شريف ان ڳالهه جو ڀرپور ورجاءُ ڪيو ته پاڪ چين دوستي پاڪستان ۾ سياسي سطح تي مڪمل اتفاق راءِ رکي ٿ?? ۽ ??هو بين الرياستي لاڳاپن جو هڪ نمونو آهي. وزيراعظم چين جي خوشحالي جي لاءِ صدر شي جن پنگ جي قيادت ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاء?? ان جي ويزن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان کي چين جي سماج?? ۽ ??قتصادي ترقي ۽ ملڪ جي ترق?? ۽ ??وشحالي جي قومي عزم سان تحريڪ ملي آهي. ٻنهي اڳواڻن دفاع، واپار ۽ سيڙپڪاري، زراعت، صحت، تعليم، گرين انرجي، سائنس ۽ ٽيڪنالاج?? ۽ ??فتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تياري سميت ڪيترن ئي معاملن تي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن سي پيڪ جي لاءِ پنهنجي گڏيل وابستگي کي ورجايو ۽ ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته سي پيڪ جي ??عل??ٰ معياري ترقي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته اسٽريٽجڪ اهميت جي منصوبي جي طور تي ٻئي ڌريون سي پيڪ جي فريم ورڪ تحت ايم ايل ون کي شروعاتي هارويسٽ منصوبي طور شروع ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪندا. هنن ڪراچي ۾ ماس ٽرانزٽ منصوبي جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي کي جلد شروع ڪرڻ جي لاءِ سمورين رسمي ڪاررواين کي حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. هنن دوري دوران ٻطرفي تعاون جي وسيع معاملن جو احاطو ڪندڙ ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحن کي پڻ ساراهيو. صدر شي جن پنگ يقين ڏياريو ته چين پائيدار اقتصادي ترق?? ۽ ??يو اڪنامڪ مرڪز طور پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جاري رکندو. هن پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ جي امداد ۽ بحالي جي ڪوششن جي لاءِ 500 ملين يوان جي اضافي امداد جو پئڪيج جو پڻ اعلان ڪيو. ٻنهي اڳواڻن عالمي ماحول ۾ تيزي سان تبديلي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن اسرندڙ ملڪن جي لاءِ اقتصادي چئلينجنک ي وڌ??ئي ڇڏيو آهي. هنن برابري ۽ گڏيل فائدي تي ٻڌل ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون تي پنهنجي گڏيل يقين جي توثيق ڪئي جيڪو عالمي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ اهم آهي. هنن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته موسمياتي تبديلي، صحت جي وب??ئي مرضن ۽ وڌندڙ اڻبرابري جهڙن موجوده چئلينجن جي لاءِ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن موجب رياستن جي وچ ۾ تعاون جي ضرورت آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر شي جن پنگ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ افغانستان جي صورتحال سميت خطي سان لاڳاپيل اهم معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان علائق??ئي سلامت?? ۽ ??قتصادي ترقي کي فروغ ڏيندو. هنن ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته سي پيڪ جي افغانستان تائين توسيع سان علائق??ئي رابطن جي قدمن کي سگهه ملندي. وزيراعظم سي شي جن پنگ کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني جنهن کي هن قبول ڪري ورتو.